نوشهروفيروز(رپورٽ منظور ملڪ)ھر سال جيان ھن سال بـه شان سنڌ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي ، تقريب ۾ خصوصي مھمان ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري کي سنڌي اجرڪ جو تھفو ماھين شاھ پارايو ۽ ٻين آيل مھمانن کي به اجرڪ ٽوپي جو تھفو پھرايو ويو ڊاڪٽر فاطمه شھناز انصاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافت ميڙاڪو منعقد ڪندڙن جو مان دل سان شڪر ادا ٿي ڪيان اسان سڀ سنڌي آهيون .سياسي اختلاف نه رکڻ گهرجن اسان جي قديم ترين ثقافت اسان کي انسانيت جو درس ڏئي ٿي ـ ثقافتي ميڙاڪن کي ثقافت اجاگر ڪرڻ جو بھترين ذريعو قرار ڏنو ويو آهي هن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت سڄي دنيا جي مقبول ترين ثقافت بڻجي چڪي آهي ، سنڌ ۽ پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملھايو ويندو آهي اھو اسان جي لاء فخر جي ڳالھ آھي ـ ان موقعي تي صحافي راڻا شير محمد, ذوالفقار خاصخيلي شير علي مشوري به موجود ھئاـ










