شانتي نگر جي جهوپڙين ۾ باهه 5 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا

شانتي نگر جي جهوپڙين ۾ باهه 5 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)شانتي نگر ۾ هڪ جھوپڙي ۾ باهه لڳڻ سبب 5ننڍا ڀائر سڙي فوت ۽ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي. پوليس موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، باهه لڳڻ سبب 5 جھونا مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا، فائر برگيڊ جي ٻن گاڏين جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو. ريسڪيو عملدارن موجب باهه لڳڻ سبب 4 ننڍا ڀائر سڙي فوت ۽ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي پئي. فوتين ۾ 12 ورهين جي صائمه، 11 ورهين جو فرحان، 9 ورهين جو ڪامران ۽ 8 ورهين جي طيبه شامل آهن، پوليس موجب جڏهن ته باهه لڳڻ سبب 4 ورهين جي نينگري زيبا سخت زخمي ٿي پئي جيڪا پڻ بعد ۾ فوت ٿي وئي، پوليس موجب باهه لڳڻ وقت 5 ڀائر جھوپڙي ۾ هئا ۽ سندن والدين ڪم تي ويا هئا، ٻارڙن جي ماءُ گهر ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ والد رڪشا هلائي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو