جوهري مواد هٽائڻ بابت آمريڪا، اسرائيل ۽ شام وچ ۾ معاهدو طئي

جوهري مواد هٽائڻ بابت آمريڪا، اسرائيل ۽ شام وچ ۾ معاهدو طئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي ۽ اسرائيلي حڪام جا شام جي موجوده حڪومت سان ڪامياب سفارتي مذاڪرات ٿيا آهن، جنهن بعد شام اندر هڪ ڳجهي جڳهه تان جوهري مواد فوري طور هٽائڻ تي اتفاق طئي ٿي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ انتظاميا، شام ۽ اسرائيل وچ ۾ طئي ٿيل سمجهوتي تحت عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) شام جي ڳجهي نيوڪليئر جڳهه “سائٽ 99” تي موجود مواد پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺندي. بشارالاسد جي حڪومت جوڙيل ان نيوڪليئر پروگرام تي 2007ع ۾ اسرائيل بمباري به ڪئي هئي.رپورٽ موجب اسرائيل پاران مادي کي نه هٽائڻ جي صورت ۾ ٻيهر حملي جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جنهن بعد آمريڪا جي مداخلت ۽ سفارتڪاري ذريعي آئي اي اي اي کي ان معاملي ۾ شامل ڪري حل ڪڍيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو