نوشھرو فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي) ڳوٺ راول سولنگي ۾ 10ورھين جو نينگر ذاڪر سولنگي شاخ ۾ وھجندي ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن کي سول اسپتال نوشھرو فيروز آندو ويو شاخ ۾ وھجندي ٻڏي ويل ذاڪر سولنگي جو سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ پوسٽ مارٽم ڪيو ويو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو وارث لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.










