سڱاوتي تڪرار تان صحافي جي گهر تي حملو 4 زخمي

ڪلوئي )غلام مصطفي نهڙيو (ڳوٺ ڪمهالو هالا ۾ سڱاوتي تڪرار تان صحافي جي گهر تي حملو، فائرنگ، لٺين جو آزادنه استعمال،صحافي رضا سميت چار ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا. پريس ڪلب ڪلوئي جي صحافين پاران فوري طور نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو .پراڻي سڱاوتي تڪرار تان صحافي رضا هالو جي گهر تي حملو گهرن تي فائرنگ لٺين ۽ ڪهاڙين جي آزادنه استعمال سبب صحافي رضا هالو بلاول هالو سلميٰ هالو آمنه هالو مهرالنساء هالو سخت زخمي ٿي پيون جڏهن ته وڌيڪ ڌڪ هئڻ ڪري بلاول هالو ۽ سلميٰ هالو کي ٿاڻي تان ليٽر ڏئي ڏيپلو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي  ان موقعي تي صحافي رضا هالو چيو ته اسان پنهنجي گهر ۾ ستل هئاسين ته اوچتو بااثر جوابدارن علي محمد هالو نواز هالو بچل هالو سميت 15 کان مٿي ماڻهن حملو ڪيو ۽ لٺين ۽ ڪهاڙين جو آزادنه استعمال ڪيو ۽ هن چيو ته جوابدار بااثر آهن ۽ اسان کي جاني مالي نقصان جو خدشو آهي تحفظ ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو