سگريٽ ڪمپني جي ملازم کان روڪ رقم ڦر

سگريٽ ڪمپني جي ملازم کان روڪ رقم ڦر

ميهڙ (ن سنڌيار) نئون ڳوٺ روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن گولڊ ليف ڪمپني جي ملازم بابر چانڊيو کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اڍائي لک روپيا روڪ ۽ يونيڪ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. بابر چانڊيو ميھڙ ۾ اعجاز علي شيخ جي گولڊ ليف سگريٽ ڪمپني جو ملازم ٻڌايو پيو وڃي جيڪو مختلف ھنڌن تان پئسا رڪوري ڪرڻ بعد واپس ميھڙ اچي رھيو ھيو تہ ٻرڙا اسٽاپ ڀرسان ھٿياربندن جي ور چڙھي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو