لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو آهي ته سگريٽ نوشي منشيات جو پهريون قدم آهي ۽ جڏهن ٻار تماڪ جي طرف راغب ٿين ته والدين کي سختي سان انهن کي روڪڻ گهرجي.هڪ بيان ۾ آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻار تيز ڊوڙي ٿو، اونچي آواز ۾ ميوزڪ ٻڌي ٿو ته اهو منشيات جو سبب به ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته ٻارن کي منشيات کان محفوظ رکڻ لاءِ تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن جي ڀرپاسي ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون جاري آهن، انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ 6 هزار ڪلو چرس، 200 ڪلو هيروئن ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عثمان انور چيو ته سگريٽ نوشي منشيات جي خاتمي لاءِ پهريون قدم آهي، والدين کي گهرجي ته ٻارن کي تماڪ ڇڪڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻن.










