سکر  ۾ ڪارروائي، هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ، 2 جوابدار گرفتار

سکر ۾ ڪارروائي، هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ، 2 جوابدار گرفتار

سکر:( ن س) سکر پوليس حساس ادارن ۽ موٽروي پوليس سان گڏجي ايم-5 موٽروي تي پنوعاقل ڀرسان گڏيل ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي هٿيار اسمگلنگ ڪندڙ گروهه خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.ايس ايس پي سکر اظهر مغل موجب ڪارروائي دوران هٿيارن جي وڏي کيپ سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ سعيد پٺاڻ ۽ عبيدالله پٺاڻ طور ٿي آهي، جيڪي مبينا طور مختلف صوبن ڏانهن غيرقانوني هٿيار اسمگل ڪرڻ واري نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل آهن ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 14 ڪلاشنڪوفون، 23 ٽي ٽي پسٽل، هڪ شارٽ گن، وڏي تعداد ۾ ميگزين ۽ لڳ ڀڳ 15 هزار رائونڊ گوليون هٿ ڪيون ويون، جن کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.ايس ايس پي سکر اظهر مغل چيو ته اها ڪارروائي حساس ادارن ۽ موٽروي پوليس سان گڏيل رٿابندي تحت ڪئي وئي، جنهن سان هٿيارن جي وڏي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. هن چيو ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي ته جيئن هٿيارن جي فراهمي، نيٽ ورڪ ۽ ٻين ساٿين بابت اهم ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف دهشتگردي، غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ اسمگلنگ سميت لاڳاپيل قلمن تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاچ جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سکر جو چوڻ هو ته امن امان کي خراب ڪندڙ عنصرن ۽ هٿيار اسمگل ڪندڙ گروهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ اهڙن ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو