سڊني (ويب ڊيسڪ) پوليس سومر ڏينهن ٻڌايو ته سڊني جي بونڊي بيچ تي يهودين جي هڪ تقريب دوران 15 ماڻهن کي قتل ڪندڙ ٻه مبينا هٿياربند پيءُ ۽ پٽ هئا، جڏهن ته آسٽريليا لڳ ڀڳ 30 سالن ۾ پنهنجي بدترين هٿياربند تشدد جي واقعِي جي متاثرين جو سوڳ ملهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
رائٽر موجب پوليس پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته 50 ورهين جو پيءُ واقعي واري هنڌ تي مارجي ويو، جنهن سان فوت ٿيلن جو انگ 16 ٿي ويو، جڏهن ته سندس 24 ورهين جو پٽ اسپتال ۾ انتهائي نازڪ حالت ۾ آهي. رياستي براڊڪاسٽر اي بي سي ۽ ٻين مقامي ميڊيا ادارن موجب پيءُ ۽ پٽ جي سڃاڻپ ترتيبوار ساجد اڪرم ۽ نويد اڪرم طور ڪئي وئي آهي.
اختيارين آچر واري فائرنگ کي نشانو بڻايل يهودي مخالف (اينٽي سيميٽڪ) حملو قرار ڏنو آهي. پوليس موجب حملي کان پوءِ 40 ماڻهو اڃا تائين اسپتال ۾ داخل آهن، جن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل آهن، جيڪي سنگين پر مستحڪم حالت ۾ آهن. متاثرين جي عمر 10 کان 87 ورهين جي وچ ۾ آهي.
شاهدي ڏيندڙن ٻڌايو ته مشهور سامونڊي ڪناري تي ٿيل هي حملو، جتي گرم شام سبب وڏي رش هئي، لڳ ڀڳ 10 منٽن تائين جاري رهيو، جنهن سبب سوين ماڻهو واريءَ تي ليٽي پيا ۽ ڀرپاسي جي گهٽين ۾ ڀڄي ويا.
پوليس چيو ته نشانو بڻايل حنوڪا تقريب ۾ لڳ ڀڳ 1,000 ماڻهو شريڪ هئا، جيڪا بيچ کان ٿورو پري هڪ ننڍڙي پارڪ ۾ ٿي رهي هئي. حملي دوران هڪ هٿياربند شخص کي جهلي هٿيار کسيندڙ هڪ تماشائي کي هيرو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو عمل زندگيون بچائڻ جو سبب بڻيو. 7 نيوز آسٽريليا هن شخص جي سڃاڻپ احمد ال احمد طور ڪئي، سندس هڪ مائٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 43 ورهين جو فروٽ وڪڻندڙ دڪاندار ٻه ڀيرا گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو ۽ سندس سرجري ڪئي وئي آهي.
ان شخص لاءِ قائم ڪيل فنڊ گڏ ڪرڻ واري صفحي تي سومر جي منجهند تائين 3 لک 50 هزار آسٽريلين ڊالر (2 لک 33 هزار آمريڪي ڊالر) کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي چڪي هئي.
پوليس مارجي ويل حملي آور بابت ٻڌايو ته هن وٽ 2015 کان هٿيارن جو لائسنس هو ۽ سندس نالي تي ڇهه لائسنس يافته هٿيار هئا. گهرو وزير ٽوني برڪ چيو ته پيءُ 1998 ۾ شاگرد ويزا تي آسٽريليا آيو هو، جڏهن ته پٽ آسٽريليا ۾ ڄاول شهري آهي.
پوليس هٿيارن بابت تفصيل نه ڏنا، پر واقعي واري هنڌ مان وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ماڻهو هڪ بولٽ ايڪشن رائفل ۽ هڪ شاٽ گن سان فائرنگ ڪري رهيا هئا. نيو سائوٿ ويلز پوليس ڪمشنر مال لينن صحافين کي ٻڌايو: “اسان ٻنهي ماڻهن جي پسمنظر بابت گهڻي جاچ ڪري رهيا آهيون. هن مرحلي تي اسان کي انهن بابت تمام ٿوري ڄاڻ آهي.”
بونڊي جي رهواسي 27 ورهين جي مورگن گيبريل چيو ته هوءَ ويجهو سينيما ڏانهن وڃي رهي هئي، جڏهن هن کي فائرنگ جاآواز ٻڌا، ان کان پوءِ ماڻهن کي سندس گهٽيءَ ۾ ڀڄندي ڏٺو. هن چيو: “مون ڇهه يا ست ماڻهن کي پناهه ڏني. انهن مان ٻه ته منهنجا ويجها دوست هئا، باقي رڳو گهٽيءَ ۾ موجود ماڻهو هئا. ڪيترن جا فون بيچ تي رهجي ويا هئا، ۽ سڀ رڳو جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.”
هن وڌيڪ چيو: “اڄ صبح تمام ڏکوئيندڙ وقت آهي… عام طور سومر هجي يا ڪو به صبح، هتي وڏي رش هوندي آهي۔ ماڻهو ترڻ، سرفنگ ۽ ڊوڙ ڪندا آهن۔ هاڻي هتي تمام گهڻو سناٽو آهي، ۽ هڪ اداس ماحول ڇانيل آهي.”
بونڊي پويلين وٽ گلن ۽ اسرائيلي ۽ آسٽريلوي جهنڊن سان هڪ عارضي يادگار قائم ڪئي وئي، ۽ آن لائن تعزيتي ڪتاب به کوليو ويو. پوليس ۽ نجي يهودي سيڪيورٽي گارڊ، ڪنن ۾ ائير پيس لڳائي، علائقي ۾ مقرر هئا، جڏهن ته سوڳوار ماڻهو گل رکڻ ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا.
اختيارين چيو ته هاڻي کين پڪ آهي ته واقعي ۾ رڳو ٻه حملي آور شامل هئا، جڏهن ته اڳ ۾ ٽئين شڪي بابت به جاچ ڪئي پئي وئي هئي. سومر جي صبح آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿني البانيزي بونڊي بيچ تي واقعي واري هنڌ وٽ گل رکڻ لاءِ آيو.
هن صحافين کي چيو: “جيڪو ڪجهه اسان ڪالهه ڏٺو، اهو خالص برائي جو عمل هو، يهودين خلاف نفرت ۽ دهشتگردي جو عمل، جيڪو اسان جي ملڪ جي هڪ علامتي هنڌ تي ٿيو.” هن وڌيڪ چيو: “يهودي برادري اڄ ڏک ۾ آهي. اڄ سڀ آسٽريليائي انهن کي ڀاڪر پائين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان اوهان سان گڏ آهيون. اسان يهودي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ هر ضروري قدم کڻنداسين. هي هڪ لعنت آهي، ۽ اسان گڏجي ان جو خاتمو ڪنداسين.”
بعد ۾ البانيزي آسٽريلين کي اپيل ڪئي ته يهودي برادري سان يڪجهتي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ موم بتي ٻارين، “ته جيئن ڏيکاري سگهجي ته روشني واقعي اونداهين کي شڪست ڏيندي ــ اهو ئي حنوڪا جو پيغام آهي،” البانيزي ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ تعزيت ۽ سهڪار جي آڇ ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو ته هن البانيزي کي خبردار ڪيو هو ته فلسطينين جي رياست جي حمايت آسٽريليا ۾ يهودي دشمني کي هٿي ڏيندي. آگسٽ ۾، آسٽريليا ايران تي الزام لڳايو هو ته هن گهٽ ۾ گهٽ ٻه يهودي مخالف حملا ڪرايا ۽ تهران جي سفير کي هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏڻ جو چيو هو.
آسٽريليا ۾ يهودي ڊائيسپورا ننڍي پر وسيع سماج ۾ گهري طرح شامل آهي۔ 27 ملين آبادي واري ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 1 لک 50 هزار ماڻهو پاڻ کي يهودي سڏائين ٿا. جن مان لڳ ڀڳ ٽيون حصو سڊني جي اوڀر وارن علائقن، بشمول بونڊي، ۾ رهي ٿو.
بونڊي واري حملي کان پوءِ برلن، لنڊن ۽ نيو يارڪ سميت وڏن شهرن ۾ حنوڪا تقريبن جي چوڌاري سيڪيورٽي وڌائي وئي. حنوڪا يهودين جي عيد آهي جيڪا هر سال نومبر يا ڊسمبر ۾ ملهائيندا آهن ۽ هڪ هفتو تقريبون جاري رهنديون آهن.










