سڄي سنڌ اعظميٰ سان گڏ آهي، ظلم برداشت نه ڪبو، گهانگهرو

گهوٽڪي (ن سنڌيار) سنڌ جو نياڻيون غير محفوظ آهن , هاڻ سنڌ جي نياڻين سان ٿيندڙ ويڌن تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪبي , عظما سنڌو اڪيلي ناهي کيس هر محاذ تي نياڻي جو ساٿ ڏبو , اهڙن خيالن جو اظهار سنڌو نواز گهانگرو قومپرست اڳواڻ لطيف سنڌو جي نياڻي عظما سنڌو مٿان تشدد ۽ اغوا ڪرڻ واري واقعي خلاف عظما سنڌو جي گهر پهچي ڪيو , سنڌو نواز گهانگرو  ڪامريڊ نصرالله ڪلادي سان گڏجي لطيف سنڌو جي گهر پهچي بااثر گلزار آرائين پاران اغوا جي ڪوشش دوران زخمي ٿيل عظما سنڌو سان ملاقات ڪري کيس مڪمل ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو , ان موقعي تي  سنڌ نواز گهانگرو ڳالهائيندي چيو ته عظما سنڌو سان جيڪو واقعو پيش آيو ان جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيا ٿي , هن چيو ته نياڻي کي تشدد ڪرڻ بعد اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گهوٽڪي پوليس جوابدار گلزار آرائين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بجاء الٽو نياڻي جي وارثن مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي , هن چيو ته سنڌ اندر هر روز عورتن تي تشدد ڪيو پيو وڃي پر سنڌ سرڪار خاموش تماشاهي بڻيل آهي , هن چيو ته غظما سنڌو اڪيلي ناهي سنڌ جو هر باضمير فرد کيس گڏ آهي , هن چتاء ڏيندي چيو ته اگر جلد عظما سنڌو مٿان حملو ڪندڙ جوابدار گلزار آرائين مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو