سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ آيل شخص فوت ٿي ويو

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ آيل شخص فوت ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)راولپنڊي جو 70 سالن جو رهواسي عابد حسين، جيڪو پنهنجي گهر سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ آيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ هو ۽ ان جي ٻي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي هئي، پر ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي.عدالت مان واپسي تي عابد حسين کي اوچتو دل جو دورو پيو. کيس اسپتال وٺي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ فوت ٿي ويا.عابد حسين جي گهر جي تعمير سان لاڳاپيل ڪيس جي پهرين ٻڌڻي 11 نومبر 2025 تي ٿي، جڏهن ته ٻي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو