ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪراچي رجسٽري جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب، 16 کان 19 مارچ تائين ڪل 82 ڪيسن جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ چئن ڏينهن ۾ 73 ڪيس نمٽا ڪيا.بينچ ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس محمد شفيع صديقي شامل هئا. چئن ڏينهن دوران هن بينچ جي سامهون ڪل 113 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا.ان کان علاوه، جسٽس منيب اختر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ٽن ڏينهن ۾ 8 ڪيسن جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي مشتمل بينچ هڪ ڪيس جو فيصلو ڪيو.










