اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪيو ويو.بلوچستان بار ڪائونسل طرفان جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو.واضح رهي ته ان کان اڳ به سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا.ان کانسواءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي بار ڪائونسلز پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج مظاهر علي نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.










