سپريم ڪورٽ جو اختيار آئين جي تشريح ڪرڻ آهي ترميم نه

سپريم ڪورٽ جو اختيار آئين جي تشريح ڪرڻ آهي ترميم نه

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار ملڪ احمد خان چيو آهي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ سپريم ڪورٽ جو اختيار ناهي.هڪ بيان ۾ ملڪ احمد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جو اختيار آئين جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو ناهي، سپريم ڪورٽ جو آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح نئون آئين لکڻ جي برابر آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، اها سمورن آئيني ماهرن جي راءِ آهي، ان ڪري اهو پارليامينٽ جو اختيار آهي ته سپريم ڪورٽ جي تشريح کي ڪالعدم قرار ڏئي جيڪا ٽڪراءَ ۾ آهي. آئين سان گڏ اجلاس سڏايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو