اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف قتل تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ 13 فيبروري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر به بئنچ ۾ شامل آهن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي کان يو اي اي ۽ ڪينيا ۾ جاچ تي رپورٽ طلب ڪئي آهي.










