سپريم ڪورٽ آڊٽ: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ رجسٽرار  طلب

سپريم ڪورٽ آڊٽ: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ رجسٽرار طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي آڊٽ جي معاملي تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي طلب ڪري ورتو.چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي نور عالم خان موجب سپريم ڪورٽ 11-2010ع کان 21-2020ع تائين جي آڊٽ جو نوٽيس جاري ڪندي رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي 16 مئي تي اجلاس ۾ طلب ڪيو آهي.نور عالم خان چيو ته آڊيٽر جنرل، صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن جو تقابلي جائزو پيش ڪرڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر مالڪ مختار چيو ته ان تي رهائي ويندي، چيئرمين پي اي سي چيو ته جيڪڏهن رهجي وئي ته ٻيهر فون ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو