ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪاره حرا ماني پنهنجي مداحن کي هڪ دلچسپ پيغام ڏنو آهي.حرا ماني انسٽاگرام تي پنهنجون مختلف وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪندي رهندي آهي، جنهن ۾ هوءَ ڪڏهن ناچ ڪندي نظر اچي ٿي ۽ ڪڏهن مزاحيه وڊيوز ٺاهيندي نظر اچي ٿي.تازو ئي اداڪاره انسٽاگرام تي پنهنجون مختلف تصويرون شيئر ڪيون ۽ پنهنجي مداحن کي هڪ دلچسپ پيغام پڻ ڏنو. اداڪاره لکيو ته سٺا ڪپڙا ۽ سٺي ڪار زندگي نه بدلائيندي آهي ۽ جڏهن اهو سڀ ڪجهه مون تي آيو ته مون کي خبر پئي. هن وڌيڪ لکيو ته پنهنجي اندر جي ٻار کي نه ماريو، جيڪو صرف ننڍين شين ۾ خوش آهي، پنهنجي زندگي کي ڀرپور انداز ۾ گذاريو.










