سُر حسيني’ تَتِي ٿَڌِي ۾ جھدِ مسلسل جو درس

سُر حسيني’ تَتِي ٿَڌِي ۾ جھدِ مسلسل جو درس

ليکڪ  گلشن سنڌو 

شاھ لطيف رح جو ڪلام گھڻ پاسا رکندڙ ڪلام آھي جنھن ۾ صحيح غلط ۽ ڏکين  پيچرن تي ھلندي بہ ثابت قدم رھڻ جو درس ڏنو ويو آھي سچي عشق جي وصف سچائي واري واٽ تي ھلندي اصل کان ابد جي دائري ۾ ايندڙ ھر وک جھد مسلسل جي ھڪ علامت نظر اچي ٿي شاھ صاحب رح جِي رسالي ۾ شامل سورميون ڪنھن پل اسان کي ھمت ۽ اٽل ارادن سان منزل طرف وڌڻ  جو درس ڏين ٿيون تہ ڪنھن پھر اھو احساس ڏيارين ٿيون تہ لالچ لوڀ سان ڪائي بہ سوڀ حاصل نہ ٿي ڪري سگھجي ڪنھن سورميء وطن سان سڪ جو بي مثال ڏنو تہ ڪنھن وري نياز نوڙت کي سرھائيء جو سبب ڄاڻايو آھي شاھ رح جون سورميون سڪ جي مچ ۾ سڙندي پرين ءجون  پَچاري رھن ٿيون سسئي جيڪا پنھون جي پريت ۾ پير پٿون ڪندي ڪشالا ڪٽي ھڪ اڙانگھي راھ تي راھي رھندي پنھونء پڇائون ڪندي جَھر جَھنگ جھاڳي ٿي سندس سڪ جو سڳو مضبوط ھجڻ ڪري ئي ھوء پنھونء تائين رسائي ڪري سگھي ازلي ميلاپ سندس مقدر ھو.  سُر حسيني ‘ شاھ عبداللطيف رح جو اھو سُر آھي جيڪو ماتمي سُر آھي “حسيني” عربي فارسي سُر آھي ڀٽائي رح ھن سّر ۾ سسئيء تي گذرندڙ اھنج ۽ پرينء جي پچار ۾ راھ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي بھادريء ۽ ھمت سان منھن ڏيڻ ۽ ازلي محبتن کي لازوال بنائيندي انمول عشق جو عڪس نمايان ڪيو آھي. ھن سُر ۾ شاھ رح سسئيء کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ اي سسئي! ھمت ڪري اڳتي ھل جيئن سج لٿي کان اڳ وڃين پرينء جي ساٿ سان ملين پاڻ رح فرمائي ٿو تہ’

لَڙ مَ لاڙائو ٿيو ھلي ڪَر ھِمت

سج سامھون مُنھن ۾’مَتان ڪرين ڪَٿَ

سُپريان جي سَٿَ ڳاڙھي سِج ڳالھ مِڙين

ھڪ ٻئي بيت ۾ سسئي پنھنجي حوصلن کي اڃان وڌيڪ پختو بنائڻ ۽ پرينء سان با وفا ھجڻ جو ثبوت ڏيندي چوي ٿي تہ’ 

مَنجھان مُنھنجي رُوح جي وَڃي ساجنُ وِسري 

تہ مَرُ لَڳي لُوھَ ‘ ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿي مَران !

يعني سسئي چوي ٿي تہ ‘ اگر منھنجي دل مان روح مان پرينء جي پريت مِٽجي وڃي تہ ڀلي اھڙي گرم لُڪَ لڳي جو آئون  ٿَرَ جو ٻاٻيھو ( پکي’ جيڪو مينھن جي لاء واجھائيندو آھي ۽ گرميءَ  جي ذري بہ برداشت ناھي ڪندو)  ٿي  پرينء لاء ساهه ڏيان. سسئيء وٽ تہ سورن جي سوغات ھئي جيڪا کيس پرينء ڏني ھئي ھوء سڪندي رھي تہ ساجن ساڻ ڪي پل گھاريندي تپش ھجي يا ڇانورو ھوت ڏانھن ھلندي رھي ٿي شاھ رح فرمائي ٿو تہ’

تَتيء ٿَڌِيءَ ڪاھِ ‘ ڪانھي ويلَ ويھڻَ جي

مَتان ٿِئي اُونداھ’ پيرُ نَہ لَھين پِرينء جو 

يعني لُڪُون ھجن جھولا ھجن ٿڌ ھجي بس پرينء پُڇائون ڪندي ھل ائين نہ ٿئي تہ اونداھ ٿي وڃئي ۽ پرين پَسي نہ سگھين ۽ توکي سندس پيرن جا نشان بہ نہ ملي سگھن. سسئيء کي ڀنڀور جي سُکن سان ڪا دلچسپي ناھي پنھونء سوا سڀ سُکَ ڏکن مثل ڀانئي ٿي سسئي سورن جي سفر ۾ سھيلين کي بہ مخاطب ٿيندي چوي ٿي تہ ڀنڀور کان پاسو ڪيو ان ۾ ئي نجات آھي ھن ھنڌان تہ سُورَ ئي پرائجن ٿا شاھ لطيف ان ڪيفيت کي ڪجھ ھيئن بيان ڪري ٿو.

 ڀينرُ ڀَنڀوران ڀَڄو تان اُبھو

اڳي ان ماڳان سَرتينُ سُور پِرائِيا

سُر حسينيء ۾ پرين جي حاصلات لاءِ  ڪيئي صلاحون ڏنيون ويون آھن ڏوريندي رھ ڏورڻ ۾ راحت آھي سڪون آھي صبر ۾ وڏي طاقت آھي بس سپرينء کي سڏڙا ڪندي رھ موٽ ۾ پرينء کي بہ پاڻھين سار ۾ سڪ لڳندي ۽ اھا ئي ريت ساجن سان ميلاپ جو سبب ٿيندي آ ھڪ بيت ۾ شاھ رح فرمائي ٿو تہ ‘

ڪَھان تان ڪيچان پري! سمھان تان سِر ھيٺِ

ٻاروچي سين ڏيٺ ‘ جيڏيُون جيھيء پَرِِ ٿي

ھڪ ٻئِي بيت ۾ شاھ رح فرمائي ٿو تہ ‘

جيڪي فِراقان سو وِصالان نہ ٿِئي 

اچي اوطاقان ‘ مُّون کي پِرينء پَري ڪَيو

سسئيء پرينء جي سڪ ۾ ڏاڍا ڪشالا ڪٽيا’ ڏک ڏٺا’ سُور سَٺا ‘ پر پوء بہ پنڌ جاري رکيائين ھوت ڏانھن ھلندي ٿڙندي رھِي ٿاٻڙجندي رھي پر منزل جي طرف وڌندي رھي پرينء تائين پھچڻ جي آس ۾ سَختِيُون سھندي رھي پر پوء بہ صبر ۽ ثابت قدميء کان ھڪ قدم بہ پوئتي نہ ھٽي ان راھ ۾ ملندڙ ڏکن کي بہ ُسکن جي سونھن سمجھيائين شاھ صاحب فرمائي ٿو تہ ‘

ڏُکَ سُکَنِِ جي سونھن گھوريا سُک ڏُکن رِيء

جَنِين جِيءَ وِرُونھن ‘ سَڄڻ آيو مان ڳَري

سُر حسينيء ۾ جتي سڪ جي سڳي جي ڳالھ ڪئي وئي آھي اتي پرين جي ڳولڻ کي بہ محبتن ۾ مضبوطيء جو جُزُ ٻڌايو ويو آھي جيڪو پريت کي اڃان بہ پڪو ڪري ٿو ساجن کي ڳوليندو رھجي شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح فرمائي ٿو تہ ‘

ڳولِيان ڳولِيان مَ لھان شالَ مَ ملان ھوتَ 

مَنَ  اندر جا لوچَ ‘مڇُڻ ملڻَ سان ماٺي ٿِئي 

سسئي پنھون کي ڳوليندي جھر جھنگ صحرا لتاڙيا ھوء پنھونء سان جيئڻ کي ئي زندگي سمجھي ٿي پنھل سوا ھن جي زندگيء جو ڪو مقصد ئي ناھي ۽ جيڪي پرين لاء ڏورين ٿيون اھي ئي پرينء کي پسن ٿيون سسئيء تہ بس فراق جو لباس اوڍي ڇڏيو آخرڪار موت کي بہ پنھنجو ڪيائين تہ جيئن ازلي ميلاپ سندس مقدر ھجي  شاھ رح فرمائي ٿو تہ ‘ 

اَڳي پوء مَران ‘ مَرُ مَران مارڳَ ۾ 

مٿي پوء پِرِيان ‘ خُون مُنھنجو جيڏِيُون

يعني اڳي يا پوء مرڻو تہ آھي پوء پريت جي راھ ۾ فنا ٿي وڃجي ۽ اھا خون بھا وڃي ساجن تي پوندي. 

سُر حسينيء ۾ ٽوٽل ٻارنھن داستان آھن ۽ داستانن ۾ ڇھ کان ٻارھن بيت آھن  وايون پڻ شامل آھن ھن  سُر جي بيتن ۾ مجاز جي صورت  اندر حقيقت ۽ روحانيت لڪيل آھي  ھن سُرَ جي روحاني معني آھي تہ’ اصل جي سفر ۾ بہ ھڪ رھبر ھجي جنھن جي رھنمائي سنئين واٽ ڏيکاري آخرت يعني اصل ۽ ازل کي اُجاري ڇڏي ۽ اللہ کان وڏو رھبر ڪير ڪونھي  تنھن ڪري پنھنجي اڄ ۽ ازل ۾ ان رب جي ھستيء کي حاصل ڪرڻ ۾ جنبي وڃ تہ جيئن روحاني رمزن کي سمجھي سگھين#.

پهنجو تبصرو موڪليو