سيد غُلام شاھ
جاگيرداري سَماج ۾ ڪيترن خَرابين جي جَڙ سَرداري سِسٽم آھي ـ ھِن سِسٽم ھيٺ سردار پنھنجي قبيلي جو بي تاج بادشاھ آھي ـ جنھن جي ماتحت سندس قبيلي جو ھر فرد جِھڙوڪر ھِن جو غُلام ھوندو آھي ـ جنھن ۾ ھو سياسي, سَماجي تـ چا پر ذاتي فيصلا بـ پنھنجي مرضي جا نـ ڪري سگھندو آھي ـ سردار پنھنجي سرداري جي رُعب تَاب ۽ گِرپ کي برقرار رکڻ لاء اڪثر ڪري پِرو اِسٽيبلشمينٽ ھوندو آھي ـ
بدقسمتي سان اسانجو ضلعو گھوٽڪي اِن سرداري سِسٽم جو سينٽر آھي, جِتي طاقتور قبيلن جا شاھزور سردار موجود آھن ـ جنھن ۾ سردار مھر, سردار لونڊ, سردار پتافي,سردار لغاري، سردار بوزدار, سردار شر, سردار ڏھر, سردار/ پير سميجا, سردارڪوش, سردار سولنگي, وغيره وغيره موجود آھن ـ ايم پي اي, ايم اين اي, سينيٽر, ضلعي ناظم, مشير وزير بـ اُھي ٿيندا آھن ـ ضلعي مان مُختلف جاين تان نِڪرندڙ ماڙي گئس فيلڊ, قادر پور گئس فيلڊ, تَلو گئس فيلڊ, رحمتڪي گئس فيلڊ ۽ اُن تي ھلندڙ فيڪٽريون اينگرو جي ايڪسان ڪيميڪل فرٽيلائيزر فيڪٽري, فوجي فائونڊيشن فرٽيلائيزر فيڪٽري, لبرٽي پاور پلانٽ, قادرپور پاور پلانٽ, ان کان عِلاوه شُگر مِلون ۽ ڪيتريون ئي ڪاٽن فيڪٽريون وغيره آھن ـ جن جا ٺيڪيدار ۽ پَبلڪ رليشن آفيسر بـ گھڻو تڻو ان سردارن جي اولاد يا سندن قريبي عزيز ھوندا آھن ـ اُھي اڪثر ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ھوندا آھن ـ ھي چند پئسن خاطر فيڪٽري مالڪن کي لوڪَل ماڻھن جي حق تَلفي جي کُلي ڇُوٽ ڏيندا آھن, اِن اِدارن ۾ لوڪلٽي جي ماڻھن کي نوڪرين ۾ اَوليت ڏيڻي آھي پر ھي ٻاھرين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏين ٿا, اِنفرا اِسٽريڪچر, اسڪول اسپتالون, گئس, علائقي ۾ رستا ٺھرائي انهن کي پڪو ڪرائڻ وغيره لازمي طور فيڪٽري وارن کي علائقي ۾ ٺھرائي ڏيڻيون آھن پر ھي اِن سردارن کي راضي رکي سڀني زميوارين کا آجا آھن ـ گھوٽڪي ضلعو پاڪستان جي خوشحال ترين ضِلعن مان ھجڻ باوجود ان سردارن جي مھربانين سان غُربت, جَھالت, بَدانتظامي, ڪِرائم ۽ قبائلي جھيڙن جي وَر چَڙھيل آھي ـ
دنيا ڪِٿي کان ڪِٿي پھتي آھي پر حالات جي سِتم ظريفي ڏسو جو اسان اڃان سوڌو ان بَدبودار سِسٽم کي تحفظ ڏيڻ لاء مَرڻ مارائڻ لاء تيار آھيون ـ اسان وٽ حقيقت ۾ اسٽيٽ اندر اسٽيٽس ٺھيل آھن, لُنڊ, مھر, پتافي, بوزدار, شر وغيره جون پنھنجون ان ڊڪليئرڊ اسٽيٽس آھن, جنھن ۾ ھر ماڻھو ٻارين ٻچين يرغُمال بڻيل آھي ـ لُنڊ جي ڪنھن ماڻھو کي طاقت نـ آھي جو اُٿي وڃي ڪنھن مھر سان رشتو ڪري ـ ايئن پتافي ڪنھن بوزدار يا شر ڪنھن لُنڊ سان ـ حالانڪـ قانوني, اِخلاقي توڙي مذھبي ڪا بـ بندش نـ آھي ـ تڏھن بـ سندن مَن ماني جاري آھي ـ تازو مھرن جو رشتي جي ڳالھ تي سرداري پڳ چئلينج ٿي آھي ـ اھو مسئلو ايترو وڌي ويو جو سنڌ گورنمينٽ سڀ انتظامي مسئلا پُٺي پويان اُڇلائي ڪيترن ضلعن جي پوليس گڏ ڪري 144 قلم لاڳو ڪري اچي خانڳڙھ جي رستا روڪ ڪئي, تـ جئين اُتي پڳ لاء رکيل ڪَٺ ۾ ماڻھو پھچي نـ سگھن ـ ھي سمورو منڌاڻ ڇاتي؟, اُنڪري تـ ھڪ قانوني مَذھبي طرح جائز رشتو ٿيو آھي !!
سردار صاحبو ڪجھ خوف خُدا ڪريو ـ سموري سنڌ تباھ و بَرباد لڳي پئي آھي, ڌارين جي يَلغار آھي, اسانجي قُدرتي وسيلن, گئس, تيل, ڪوئلي, زمينن, شھرن,نوڪرين, ڪارخانن, ڌنڌي ڌاڙي, سمُنڊ ۽ سنڌو دريا تي ڌارين جو قبضو آھي . اِن جي حاصلات لاء ڌارين سان جنگ جوٽڻ بجاء ننڍين ننڍين اَجاين ڳالھين لاء مُدي خارج دقيانوسي سوچ جو مظاھرو ڪندي ھڪ ٻي جي پَٽڪن ۾ ھٿ آھن ـ
خُدارا ڇڏيو اِن فضول جھيڙن کي وقت جي آواز ٻُڌو ۽ اِن سان گڏ ھلڻ جي ڪيو ـ ھاڻي ماضي جي اَجائي روايتن کي اُڇلايو, تـ جئين نئين عِلم, حِڪمت ۽ جِدّت سان اڳتي وڌي ايندڙ ڏُکين چئلينجز کي بھتر انداز سان مُنھن ڏئي سگھون ـ










