ڪراچي (ن س) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خصوصي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ تابش رضا حسنين پاران پوليس سان گڏجي پاڻي چورن خلاف ڪارروايون تيز ڪندي منگھوپير روڊ تي آپريشن دوران چار چار انچن جي ٻن غير قانوني ڪنيڪشن جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل موجب پاڻي چور مافيا غير قانوني ڪنيڪشن ايڇ ٽي ايم جي لائين مان لڳائي رھيا ھئا، ڪارروائي دوران هزارين ميٽر پاڻي جي پائپ سميت ٻيو سامان ۽ ايسڪويٽر برآمد ڪندي منگھوپير ٿاڻي تي واٽر بورڊ ايڪٽ 14 اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.










