سي اي او جو ايڪشن واٽر بورڊ ملازمن جي علاج جي سهولت بحال

سي اي او جو ايڪشن واٽر بورڊ ملازمن جي علاج جي سهولت بحال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي فوري ايڪشن وٺڻ تي ڊائو اسپتال انتظاميا پاران واٽر بورڊ ملازمن جي علاج جي سهولت بحال ڪري ڇڏي، تفصيل موجب ڊائو اسپتال پاران واٽر بورڊ ملازمن لاءِ علاج جون سهولتون بند ڪرڻ واري خبر ميڊيا تي ھلڻ جو سي اي او واٽر بورڊ فوري نوٽيس وٺندي ڊائو انتظاميا سان رابطو ڪري ملازمن کي علاج جون سهولتون بحال ڪرائي ڇڏيون، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ پاران جي ايم فنانس ڊائو اسپتال خليل عباسي سان ٽيليفون تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي، ان کان علاوه سي اي او واٽر بورڊ پاران ڊي ايم ڊي فنانس واٽر بورڊ سيد عمران زيدي ۽ ڊي ايم ايس واٽر بورڊ ڊاڪٽر عزيز الرحمان کي ڊائو اسپتال انتظاميا سان ملي ڪري مستقل طور مسئلو حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، ان حوالي سان ترجمان واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ سي اي او واٽر بورڊ جي هدايتن تي ڊي ايم ڊي فنانس ۽ ڊي ايم ايس واٽر بورڊ سڀاڻي ڊائو اسپتال انتظاميا سان ملاقات ڪندا، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد چيو تہ واٽر بورڊ ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي پھرين ترجيح ۾ شامل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو