ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خصوصي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي واٽر بورڊ انتظاميا پاران پاڻي چورن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيون، ترجمان واٽر بورڊ موجب گذريل رات ساڍي ٽين وڳي منگوپير روڊ تي واٽر بورڊ جي 66 انچ لائين مان ٻہ غير قانوني ڪنيڪشن ٿي رهيا هئا، ان سلسلي ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايڇ ٽي ايم عبدالواحد شيخ پنهنجي ٽيم سميت موقعي تي پهتو ۽ غير قانوني ڪنيڪشن جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي چار جوابدارن کي حراست ۾ وٺي لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ورتو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن جڏھن تہ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن واٽر بورڊ عملدارن کي ھدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ شهرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وسيع ڪيو وڃي.










