ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ لاءِ جاري ڪيل ٽن ڏينهن جي برسات جي الرٽ کي نظر ۾ رکندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف منسٽر هائوس ۾ هڪ خاص برساتي ايمرجنسي ڊيسڪ قائم ڪئي آهي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ضلعي انتظاميا کي هاءِ الرٽ تي رهڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن سخت برسات سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال جو فوري جواب ڏئي سگهجي. وڏي وزير چيو ته شهرين جي حفاظت ۽ مال ملڪيت جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ سڄي صوبي ۾ سمورا ضروري احتياطي ۽ ايمرجنسي قدم کنيا ويا آهن. عوام جي سهولت لاءِ برسات سان لاڳاپيل ايمرجنسيز جي رپورٽ ڪرڻ ۽ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽول فري هيلپ لائن (0800-91915) فعال ڪئي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ چيف منسٽر هائوس پبلڪ ڪمپلينٽ سيل جا نمبر 021-99202047، 021-99207349، ۽ 021-99207568 چوويهه ڪلاڪ فعال رهندا. برساتي ايمرجنسي ڊيسڪ تي 24 ڪلاڪن جي بنياد تي شڪايتون وصول ڪرڻ، لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪرڻ ۽ وقتائتي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ خاص ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن مقامي حڪومتي ادارن، واٽر اينڊ سيوريج اٿارٽيز، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي مڪمل طور تي متحرڪ رهڻ ۽ خاص ڪري هيٺانهين ۽ حساس علائقن ۾ نيڪالي جا اثرائتا انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن ٽرئفڪ پوليس کي پڻ خاص هدايتون جاري ڪيون ته برساتن دوران هڪ جامع ٽرئفڪ مينيجمينٽ پلان لاڳو ڪيو وڃي، ٽرئفڪ جي رواني کي يقيني بڻايو وڃي، متبادل رستن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ مسافرن کي وقتائتي معلومات فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير ضلعي پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو برسات جي متوقع سلسلي دوران ضلعي انتظاميا ۽ ٽرئفڪ پوليس جي مدد ۾ سرگرمي سان شامل رهن ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري جواب کي يقيني بڻائين. مراد علي شاهه چيو سمورن کاتن کي برساتن دوران ڪنهن به ايمرجنسي سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار رهڻ گهرجي. انساني جانين ۽ مال ملڪيت جو تحفظ اسان جي سڀ کان اولين ترجيح آهي، ۽ هر اداري کي پنهنجون ذميواريون انتهائي هوشياري ۽ ذميواري سان نڀائڻ گهرجن. وڏي وزير شهرين کي پڻ گذارش ڪئي ته هو برسات جي سلسلي دوران احتياط ڪن، تيز برساتن دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال جي صورت ۾ فوري طور تي مقرر ڪيل هيلپ لائنز ذريعي رپورٽ ڪن. سنڌ حڪومت مسلسل موسم جي صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اڳڪٿي واري پوري عرصي دوران تياريون برقرار رکن ته جيئن عوام کي ٿيندڙ تڪليف کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ موسم سان لاڳاپيل ڪنهن به ايمرجنسي جو اثرائتو جواب ڏئي سگهجي.










