واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر وليم برنس طالبان جي مک اڳواڻ ملا برادر سان ملاقات ڪئي آهي. اها ڳجهي ملاقات سومر تي ڪابل ۾ ٿي آهي. واشنگٽن پوسٽ پنهنجي زريعن جي حوالي سان اها خبر ڏني آهي. رپورٽ مطابق افغانستان ۾ نئين حڪومت جي قيام ۽ آمريڪي فوج جي 31 آگسٽ کان وڌيڪ عرسي تائين قيام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. سي آءِ اي خبر بابت ڪنهن به تبصري کان انڪار ڪيو آهي. هي ملاقات اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن جي سيون جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ برطانيا سميت ڪجهه يورپي ملڪ آمريڪي صدر تي زور ڀري رهيا آهن ڪابل مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ واري 31 آگسٽ جي ڊيڊ لائن ۾ واڌ ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهن. طالبان ترجمان سهيل شاهين ڊيڊ لائن ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته ان جا نتيجا چڱا نه نڪرندا. هوڏانهن چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان وينگ وينبن آمريڪجا تي ڇتي تنقيد ڪندي افغانستان مان نڪرڻ واري فيصلي کي خودغرضي قرار ڏنو آهي. ترجمان چيو ته هڪ آزاد ملڪ تي حملو ڪري 20 سال جنگ مسلط ڪئي ۽ هاڻي ڀڄي جان ڇڏائي آهي. انساني حقن جي جن نقطن تي آمريڪا ٻين ملڪن تي تنقيد ڪندو آهي انهن جي پاڻ ڀڃڪڙي پيو ڪري.










