ليکڪ اي اي عباسي
ملڪ جي اندر هن وقت سينيٽ جي چونڊن جي لاءِ جهڙي طرح ڪوششون تيز تر ڏسڻ ۾ اچن ٿيون اهڙي طرح شايد ڪڏهن اڳ ۾ ائين پنهنجن ماڻهن کي هٿيڪو ڪرڻ ۽ ٻين کي خريد ڪرڻ جو عمل جاري رهيو هجي، انهي سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد سومرو جو ويجهو رشتيدار ۽ پي ٽي آءِ جو وزير حفيظ شيخ چئي ٿو ته سينيٽ چونڊن ۾ منهنجو سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ سان مقابلو نه ٿي رهيو آهي، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ آمهون سامهون آهن، چاهيون ٿا ته سينيٽ جون اليڪشن صاف شفاف نموني سان ٿين ۽ اميدوار آزاديءَ سان پنهنجي اميدوار کي ووٽ ڏيئي سگهن، جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي شڪايت آهي ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت کي پنهنجي ميمبرن تي اعتماد هجڻ گهرجي ۽ انهن کي به پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح سينيٽ جي چونڊن جي حوالي سان تقريبن سمورين سياسي پارٽين ۽ مذهبي سياسي جماعتن جي ماڻهن جي اها ڀرپور ڪوشش جاري آهي ته ڪهڙي به طرح اسان جي سياسي ۽ مذهبي جماعت جا ميمبر ساٿ ڏين ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد وڌ کان وڌ سينيٽرن جو قائم ٿي سگهي انهي سلسلي ۾ اقتداري پارٽي سميت اپوزيشن وارا به هر حربو استعمال ڪندي جوڙ توڙ ، سياسي خريداري جو عمل تيز ٿي ويو آهي جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته هاڻي خريدارن جي منڊي پاڪستان ۾ لڳڻ بجاءِ سڌو رستو ڊيلنگ جو دبئي، شارجا، ابوظهبي، لنڊن ۽ ڪو ڪو ميمبر لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڦاسي پوي ٿو ته دير نٿي ڪئي وڃي . جيئن ملاح کي ڪوڙڪي هجي ۽ انهي جي سڄي ساري ڪوشش رهندي آهي ته مڇي فرار نه ٿئي ڦاسي پوي اهڙي طرح هن وقت خريدار چالاڪيءَ سان هر حربو استعمال ڪندي قيمت لڳائيندي خريداري لاءِ مقرر ڪرڻ جون سرخوشيون عام جام ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون آهن. جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته پوءِ هيءُ ميمبر ڪروڙن مان وڌي اربين رپين جي ٻولي ڪري ملڪ جو رهيو کهيو ڏيوالو ڪڍڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندا. حالتون انهي ڳالهه جي اجازت نٿيون ڏين ته هن مهانگائي ۾سينيٽ جي چونڊن تي ملڪي ناڻي جا پئسا اربين رپيا لٽ مار ۾ خرچ ڪري وڌيڪ ڀينگ ڪري بجلي. پئٽرول ۽ گيس جا اگهه قيمتون وڌائي ملڪ جي عوام مٿان ائٽم بم ڪيرايا وڃن.
هن وقت سمورين سياسي پارٽين جو پنهنجو پاڻ کي سياسي طور تي زندهه رکڻ لاءِ اها ورڪ سرگرميون جاري آهن ته ڪهڙي به طرح ، ڪيئن به پنهنجي سياسي پارٽي جي ڪاميابي ٿئي ۽ وڌ کان وڌ سينيٽ جي اليڪشن ۾ سيٽون پاڻ کي ملي وڃن، انهي سلسلي ۾ اپوزيشن جي سمورين سياسي پارٽين ۽ مذهبي جماعتن پنهنجي اعلانيل لانگ مارچ کي به راولپنڊي ڏانهن وٺي وڃڻ بجاءِ انهي کي في الحال ملتوي ڪندي سموريون توانايون سينيٽ جي چونڊن ڏانهن لڳائي ڇڏيون آهن نه صرف اهو پر سياسي پارٽين سان گڏ پوري مٿين مشنريءَ جو انهي پاسي توجهه لڳي ويو آهي ۽ هاڻي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اها ڳالهه وڏي واڪي چئي ڇڏي آهي ته “ ڪنهن به پارٽيءَ کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندي، ڇاڪاڻ ته گذريل سينيٽ جي چونڊن ۾ پارٽي جي صوبائي رڪنيت جي شرح کان مختلف نتيجا آيا، ٻڌايو گذريل چونڊن کان هيل تائين ڪهڙي ڪاروائي ٿي ؟ ، چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب! توهان اڃان تائين مطمئن ڪندڙ جواب ناهيون ڏيئي سگهيا، پنهنجو قانون پڙهي توهان سڀ ٻڌائي رهيا آهيو، ڳالهه جي گهرائي سمجهو، سڀني کي خبر آهي ته اسان جون سينيٽ جون چونڊون ڪيئن ٿينديون رهيون آهن، جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جيڪڏهن پارٽي نمائندگي جي شرح سان فيصلو ٿيڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضرورت ئي ناهي، جيڪڏهن ائين ئي پارٽي فيصلو ڪري ڇڏي ۽ باقي آزاد اميداورن جون چونڊون ڪرائي. سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته سينيٽ ۾ ڏي وٺ روڪڻ لاءِ حڪومت جون ڪوششون جاري رهنديون، عوام کي خبر پئجي وئي ته ڪير چاهي ٿو ته پئسي جي زور وارا ماڻهو سينيٽ ۾ اچن، سينيٽ ۾ اسان وٽ ڳالهائڻ وارا ناهن ، تنهن ڪري فيصل واوڊا کي نامزد ڪيو آهي، اهڙي طرح اپوزيشن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته چونڊن لاءِ عدليه سوڌو ٻين کان سهارو ورتو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊيول ۾ واڌ واري فيصلي جي پيپلز پارٽي مخالفت ڪري ٿو، هاڻي وري پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي مهلت ڏني وئي آهي، اپوزيشن اڳواڻن شاهد خاقان عباسي ۽ راجا پرويز اشرف چيو ته هارس ٽريڊنگ واري ويڊيو ۾ پئسا ڏيندڙ ۽ وٺندڙ پي ٽي آءِ جا ماڻهو ئي آهن، آئين ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه آهي،
سينيٽ جي چونڊن لاءِ اسلام آباد ۾ سيد يوسف رضا گيلاني کي اميدوار بڻائڻ تي حڪومت جا سرد موسم ۾ به پگهر نڪري ويا آهن، حڪمران خوف ۾ ننڍيون وڏيون چالاڪيون ڪري رهيا آهن، ائين ئي سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان سمورا معاملا ڄڻ ته ڊسٽرب متاثر ٿي رهيا آهن ويتر وفاقي حڪومت ڪجهه مهلت وٺي پنهنجي لاءِ سينيٽ چونڊن ۾ ميمبرن جي خريداري ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿي پر اپوزيشن جماعتن وارن به فوري طور تي اليڪشن ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته مذهبي سياسي جماعت جي يو آءِ ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان به پنهنجي ڀاءَ عطاءُ الرحمان، نياڻي زبير علي، سالي نعيمه ۽ ٻين رشتيدارن کي ته سينيٽر بڻائڻ لاءِ نالا اڳيان آندا آهن پر انهي سنڌ ۾ نمائندگي ڪندڙ سنڌي پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن کي سينيٽر بڻائڻ لاءِ ڪا پيش رفت نه ڪئي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي جي قيادت پنجاب جي چڪوال ضلع جي پلوشه خان کي سنڌ مان سينيٽر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن، جنهن تي سنڌ جي عوام کي شديد تحفظات آهن ۽ اهڙي طرح ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڪ پئنل انهي خلاف تحفظات به داخل ڪرايا آهن ته پنجاب جا ماڻهو سنڌ جي ڪوٽا کي ٻنهي هٿن سان هڙپ ڪرڻ لاءِ ڪيئن سنڌ کي مال غنيمت سمجهندي کاڌو وڃي ٿو. جنهن تي خود پيپلز پارٽي جي حلقن ۾ به بيچيني ڇانيل آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ لاڙڪاڻو، ڳڙهيخدا بخش ڀٽو، رتوديرو، نئون ديرو سميت پوري سنڌ مان سنڌي ڳالهائئيندڙن کي ڇو پوئتي رکي ڪري پنجاب جي چڪوال رهواسي پلوشه خان کي سنڌ جي ڪوٽا تي سينيٽر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.سنڌ مان تازو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙ اڳوڻو سچل اتحاد جو سربراهه سيف الله ابڙو کي به سينيٽر بنائڻ لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا آهن جنهن تي پي ٽي آءِ جا ڪجهه حلقا شديد ناراض ٿيا آهن ته حليم عادل شيخ جي آشيرواد کانسواءِ سنڌ ۾ آخر ٻين پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن اڳواڻن کي لفٽ ڇو نه ٿي ڪرائي وڃي ۽ ڪيترا سينيئر مرڪزي اڳواڻ توڙي ڪارڪن پڻ ناراضگيءَ جو اظهار ڪري رهيا آهن ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻو آهي ته پوءِ عوامي سياست ڪندي پنهنجو گرائونڊ مضبوط ڪندي سنڌي ماڻهن جي احساسات جذبات جي عڪاسي ڪندي انهن جي ايشوز ، بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن باقي ڪنهن جي جوڙ توڙ واري سياست عوام جي ڪنهن به فائدي جي نه آهي.
ايندڙ وقت اقتدار ڌڻين يا اپوزيشن لاءِ ڪهڙو رهندو ۽ ڪهڙي راهه جا اهي مسافر ٿيندا ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ وارا وڏا وڏا بت ڪٿي آهن جو هاڻي وارا سياسي پنڊت پنهنجي اقتدار کي دائمي سمجهي عوام مٿان غضبناڪ مهانگائي جا تحفا برسائي رهيا آهن.، هيءُ اقتدار ته اچڻو وچڻو آهي، چيئر گيم آهي ڦرندي رهندي پئي اچي ڪلهه وارا ڪٿي آهن ۽ اڄ وارا وري ڪٿي هوندا، اهو وقت ۽ حالتون فيصلا ڪنديون پر پي ٽي آءِ جي قيادت کي عوام ۾ پاڙون پڪيون ڪرڻ گهرجن ۽ عوام جي ڏکن سورن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻو پوندو، باقي جيڪي روز بروز مهانگائي جا راڪاس ڀريا تحفا غريب عوام مٿان ڪنهن جبل پهاڙ جيان ڪرندا رهن انهي سلسلي ۾ سينيٽ کان اڳ ۾ ئي انهي تيز تر مهانگائي کي روڪرائن لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجي نه ته ضرور اپوزيشن وارن جي ڌمڪي نه پر انهن جي عملي خدمت راولپنڊي ڏانهن جاري رهندي جنهن ۾ رڳو حڪومت مخالف ئي نه پر متاثر ٿيندڙ غريب عوام به اڳيان اڳيان هوندو ۽ نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ڌوکي جي ديوار وارو جاري ٿيندو ۽ هيءَ جيڪا اليڪٽيڊ يا سليڪٽيڊ حڪومت آئي آهي يا آڻائي وئي آهي انهي جو منطقي انجام ڏکائيندڙ نظر اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾اهڙي واعدهه خلاف حڪومت شايد بلڪ پڪ سان نه آئي آهي. جنهن جيڪي واعدا ڪيا انهن مان هڪ به غريب عوام سان پورو نه ڪيو آهي.










