تحرير شيرمحمد سولنگي
تحريڪ انصاف جي وزيراعظم عمران خان جي جيتوڻيڪ ڪارڪردگي نهايت خراب هجڻ باوجود ان جو حمايت يافته سينيٽر چونڊڻ ۾ عوام جو ڪهڙو فائدو ٿيو آهي يا هاڻي عوام لاءِ ڪجھ منصوبا جوڙيا ويندا، ڇا آئيندا سينٽ اليڪشن ۾ خريد فروخت رڪجي ويندي ڇا عوامي نمائندا عوام جا ڪم ڪندا ، گذريل 15 سالن ۾ ڪرپشن تمام وڌي آهي هر ادارو ڪرپشن جي ور ڇڙهيل آهي مهانگائي ڏينهون ڏينهون وڌندي وڃي ٿي. ايتري بحث مباحثو عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڇونه ڪيو ويو آهي اهڙا ڪيترائي سوال ذهن ۾ آهن جن جو جواب نه ٿو ملي ، سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪومتي اميدوارن مخالف ڌر اميدوارن کي شڪست ڏئي ڇڏي. حڪومت طرفان نامزد ڪيل صادق سنجراڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو جڏهن ته مخالف ڌر اميدوار يوسف رضا گيلاني کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو، ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ ۾ مرزا محمد آفريدي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته مولانا عبدالغفور حيدري کي شڪست ملي. سينيٽ جو اجلاس مظفر حسين شاهه جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ ووٽنگ ڪئي وئي ۽ ان ڏس ۾ جي يو آءِ جي اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم طرفان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين لاءِ اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو. سينيٽ چيئرين جي چونڊ لاءِ 98 ميمبر ووٽ ڪاسٽ ڪيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو جنهن کان پوءِ هن جو 5 وڳي تائين انتظار ڪيو ويو. ووٽنگ جي عمل دوران جماعت اسلامي جي سينيٽر احمد جو نالو ٻيو ڀيرو کنيو ويو پر هو ووٽ ڏيڻ جي لاءِ نه آيو. ووٽنگ جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڳڻپ ٿي ۽ پوءِ پريذائيڊنگ آفسر مظفر حسين شاهه نتيجن جو اعلان ڪيو. نتيجن موجب سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ صادق سنجراڻي کي 48 ۽ يوسف رضا گيلاني کي 42 ووٽ مليا جڏهن ته 8 ووٽ رد ٿيا. 7 ووٽرن يوسف رضا گيلاني جي نالي جي مٿان مهر هنئي جنهن جي ڪري اِهي ووٽ رد ٿيا جڏهن ته هڪ ووٽر ٻنهي اميدوارن جي اڳيان مهر هنئي. سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ کان پوءِ صادق سنجراڻي عهدي جو حلف کنيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ کان پوءِ صادق سنجراڻي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي عهدي لاءِ چونڊ عمل شروع ڪرايو. ڊپٽي چيئرمين شپ جي لاءِ حڪومت طرفان مرزا محمد آفريدي ۽ مالف ڌر طرفان عبدالغفور حيدري جي وچ ۾ مقابلو هو.پولنگ کان پوءِ سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي نتيجن جو اعلان ڪيو جنهن موجب حڪومتي اميدوار مرزا محمد آفريدي 54 ۽ پي ڊي ايم جي مولانا عبدالغفور حيدري 44 ووٽ حاصل ڪيا.اهڙيءَ ريت اڪثريتي ووٽ حاصل ڪرڻ سبب مرزا محمد آفريدي سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو ۽ صادق سنجراڻي هن کان عهدي جو حلف ورتو. اجلاس جي آغاز تي پريذائيڊنگ آفيسر مظفر حسين شاهه ميمبرن کي ووٽ وجهڻ جو طريقيڪار ٻڌايو ۽ غلطي جي صورت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان اڳ سينيٽ جي سيڪريٽري کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پريزائيڊنگ آفيسر چيو ته موبائيل فون، ڪيمرا ۽ ڪا به اليڪٽرانڪ ڊيوائس سان گڏ پولنگ بوٿ ۾ وڃڻ جا اجازت نه هوندي. سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڳجهي رائي شماري جي ذريعي ڪئي وئي.مخالف ڌر اتحاد وٽ 51 ميمبرن جي اڪثريت جڏهن حڪومتي اتحاد وٽ 47 ميمبرن جي حمايت هئي ۽ جماعت اسلامي ڪنهن کي به ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. حڪومت صادق سنجراڻي جي لاءِ محسن عزيز کي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو هو جڏهن ته يوسف رضا گيلاني فاروق ايڇ نائيڪ ۽ عبدالغفور حيدري ڪامران مرتضيٰ کي پولنگ ايجنٽ مقرر ڪيو هو.سينيٽ جي 100 مان 98 سينيٽرن حق راءِ ۾ حصو ورتو، اڳوڻو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار سينيٽ جو حلف نه کڻڻ جي ڪري اجلاس ۾ شريڪ نه ٿي سگهيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.ان کان اڳ سينيٽ اجلاس جو آغاز صبح 10 وڳي ٿيو جنهن ۾ پريزائيڊنگ آفسر مظفر حسين شاهه 48 نون چونڊيل سينيٽ ميمبرن کان حلف ورتو جهن کان پوءِ سمورن نون چونڊيل سينيٽرن رول آف ميمبر تي صحيح ڪئي جنهن کان پوءِ اجلاس 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ مخالف ڌر اميدوارن کي شڪست کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته اسان کٽي چڪا آهيون، سينيٽ چيئرمين جي چونڊ چوري ڪئي وئي.زرداري هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ شڪست کاڌل يوسف رضا گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ بلاول چيو ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به حڪومت کي شڪست ڏني، يوسف گيلاني کٽڻ جي باوجود سينيٽ چيئرمين جي ڪرسي تي نه ويٺو، جڏهن ووٽر جي نيب ظاهر ٿي چڪي ته ووٽ ٿي چڪو آهي، 7 ووٽ ناجائز طريقي سان رد ڪيا ويا، هي 7 ووٽ شامل ڪن ته يوسف رضا گيلاني کٽي چڪو آهي.پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته مون سينيٽ چيئرمين جي چونڊ چوري ڪئي وئي ۽ عوام جي اکين آڏو چوري ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ به عمران خان سان نه پي ڊي ايم سان گڏ آهي، سينيٽ ۾ هڪ نه پر چار ڳجهيون ڪيمرائون هنيون ويون هيون.بلاول چيو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ جو چيئرمين بڻجي چڪو آهي، مريم نواز ۽ ٻين پي ڊي ايم قيادت سان مشاورت کان پوءِ عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان هن نظام کي بي نقاب ڪيو ۽ هنن کي هارايو به، اسان کي اميد آهي ته عدالت مان انصاف ملندو ۽ هاءِ ڪورٽ اسان حق ۾ فيصلو ڏيندي، ثبوت موجود آهي ته سينيٽ سيڪريٽري اسان کي ماڻهن کي ٻڌائي رهيو آهي ته دٻي جي اندر مهر هڻي سگهو ٿا، مون به عام چونڊن ۾ پنهنجي نالي جي مٿان مهر هئني هئي.بلاول چيو ته هي هڪ کليل ڪيس آهي اسان کي اميد آهي ته عدالتن مان اسان کي انصاف ملندو.هن چيو ته جمهوري ادارن ۾ ڪٿي ڪي ڪمزوريون ته هونديون، موجوده صورتحال ۾ جمهوريت پسند گهڻا مايوس آهن، اسان انصاف، جمهوريت ۽ پارلياماني قدرن جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين، جمهوري قدم مذاق نه بڻجڻ ان ڪري اسان عدالت وڃي رهيا آهيون. طلال چوڌري جي طنز جو جواب ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته طلال صاحب، هي ڪا تنظيم سازي نه هئي، اسان جمهوري جدوجهد ڪري رهيا آهيون طلال چوڌري جيان آئون 2018ع کان جدوجهد نه پيو ڪيان، آئون ٽن نسلن کان جمهوري جدوجهد ڪري رهيو آهيان، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين تي اعتماد آهي ته اسان نيوٽريليٽي حاصل ڪندا رهنداسين پي ڊي ايم ۾ شامل هر پارٽي جي ميمبر پنهنجي پارٽي جو ساٿ ڏنو، هي يوسف رضا گيلاني جي نه پر پي ڊي ايم جي اتحاد ۽ عوام جي ڪاميابي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ووٽ رد ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ وينداسين، ڪجهه قوتون پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ جون ڪوششون ڪنديون.مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊيم ايم) پاڪستان جي وڏي ايوان سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪرڻ تي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مخالف ڌر اڳواڻ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران گڏيل طور تي پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جنهن طريقي سان گيلاني کي اڪثريت جي باوجود هارايو ويو، مذمت جوڳو آهي، ايوان ۾ 6 ڳجهيون ڪيمرائون لڳل هيون.هن چيو ته هدايت نامو جاري ڪيو ويو ته نالي واري خاني جي اندر مهر هڻو، 7 ميمبر خاني جي اندر گيلاني جي نالي تي مهر هنئي، يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪري هن کي هارايو ويو.هن دعويٰ ڪئي ته اميد آهي ته عدالت ۾ يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيندو.راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته حڪومت هر حربو استعمال ڪري اليڪشن چوري ڪئي، جيڪو چيئرمين ويهاريو ويو آهي، اڪثريت جي نفي ڪري ويهاريو ويو آهي، سنجراڻي جمهوريت سان محبت ڪندڙ هجي ها ته پاڻ ئي هٿ مٿي ڪري ڇڏي ها.مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال جو چوڻ هو ته اڄ پي ڊي ايم ڪامياب ٿي آهي، اسان کي 49 ووٽ مليا آهن پر يوسف رضا گيلاني کي 7 ووٽ رد ڪري هارايو ويو.ان موقعي تي ن ليگ جي احسن اقبال پريس ڪانفرنس دوران عدالتي فيصلو به پڙهيو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ووٽر جي نيت ڏسڻي آهي، نالي جي خاني ۾ مهر هڻڻ جو مطلب آهي ته ووٽر جي نيت درست آهي، جيڪا مهر اميدوار جي خاني ۾ نالي تي هنئي وئي اُها درست آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ڪيترن ئي فيصلن ۽ اليڪشن ڪميشن جي رولنگ آهي ته خانگي جي اندر وڌو ويو ته ووٽ درست آهي ڀلي نالي جي مٿان ڇو نه هجي جڏهن ته رولز ۾ واضح لکيل آهي ته خاني ۾ مهر هڻڻ درست آهي، جنهن ووٽر اميدوار جي نالي تي مهر هنئي اُهو درست آهي.احسن اقبال جو چوڻ هو ته 7 جي 7 ووٽن ۾ اميدوار جي نالي جي خاني تي مهر لڳل هئي، اسان ان کي چيلينج ڪنداسين ۽ عدالت مان اميد آهي ته ان جي درستي ڪندي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت ۽ حزب اختلاف جا ميمبر عوام لاءِ ڪجھ سوچيندا ، ڪندا يا صرف پريس ڪانفرنسن تي 5 سال پورا ڪندا. اميد ته بهتري ايندي.










