ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جو مشهور سينيئر اداڪار، هدايتڪار ۽ گلوڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو.ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه چيو ته طلعت حسين ڪافي عرصي کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، طلعت حسين جي ڌيءَ پنهنجي والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.طلعت حسين 1940ع ۾ دهلي، انڊيا ۾ پيدا ٿيو.صدر ڪراچي آرٽس ڪائونسل احمد شاهه موجب طلعت حسين ڪيترن ئي ڏينهن کان خانگي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل هو، هو شروع کان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو ميمبر رهيو آهي ۽ آرٽس ڪائونسل جي گورننگ باڊي ۾ به شامل هو.احمد شاهه چيو آهي ته مرحوم طلعت حسين هڪ بهترين انسان ۽ بهترين فنڪار هو، هن ڪيترين ئي ملڪي ۽ پرڏيهي فلمن ۽ ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.










