سيف علي خان حملو، فنگر پرنٽ جوابدار سان ميچ نه ٿيا

سيف علي خان حملو، فنگر پرنٽ جوابدار سان ميچ نه ٿيا

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار سيف علي خان جي گهر مان فنگر پرنٽس جا حاصل ڪيل 19 نمونا، حملي ۾ گرفتار ڪيل بنگلاديشي شهري محمد شريف الاسلام سان ميچ نه ٿيا. ان وقعي سبب ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي ته آخر حملي آوار ڪير آهي؟ پوليس جو چوڻ آهي ته اسين جاچ ڪريون پيا ۽ اصل جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو. گرفتار شڪي جوابدار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سندس موڪل بيگناهه آهي هن هاءِ پروفيائيل ڪيس جي اصل جوابدار ڪو ٻيو آهي، سندس موڪل کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهيو پيو وڃي. ياد رهي ته 16 جنوري تي رات 3 وڳي باندرا جي علائقي ۾ فليٽ تي سيف علي خان سان ڦر جي واردات دورن حملو ٿيو هو. جوابدار چاقو سان سيف علي خان تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ کيس 6 گهاءَ لڳا هئا جن مان 2 زخم وڏا رسيا هئا جن ۾ ڪرنگهي جي هڏي لڳ لڳل چاقو سنن اڍائي انچ جو زخم به شامل هو. اداڪار کي رڪشا ۾ اسپتال پهچايو ويو هو ۽ ڊاڪٽرن آپريشن ڪري سندس ڪنڊي ۾ ڀڄي پيل چاقو جو ٽڪڙو به ڪڍيو هو ۽ هفتي بعد کيس اسپتال مان فارغ ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو