سيف جي تعاون سان هلندڙ اسڪول ميلاد جي محفل

ٺڪراٺو (رپورٽر)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ شاھ لطيف ماڊل اسڪول ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي شاندار تقريب شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران حضور صه جي شان ۾ تقريرون نعتون پيش ڪيون ويون شھر ۾ ريلي ڪڍي مرحبا يا مصطفا جا نعرا بلند ڪيا ويا خبر موجب ٺڪراٺو ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ شاھ لطيف ماڊل اسڪول ۾ جشن عيد ميلادالنبي صه جي شاندار تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ اسڪولي استادن مھمانن شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جشن عيد ميلادالنبي صه جي پروگرام جي ڪمپيئرنگ جا فرض وائيس پرنسيپال اشفاق احمد سومرو سنڀاريا اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين الله ڏنو عديل احمد ڪوثر بانو شازيا ماريا برڪت علي محمد عالم يعقوب ۽ ٻين پاڻ ڪريم صه جي شان ۾ تقريرون پيش ڪيون ۽ نعتون پڙھي واھ واھ ڪرائي ڇڏي تقريب کي خطاب ڪندي اسڪول جي آپريٽر محمد حسن منگي چيو ته حضرت محمد صه جي زندگي اسان مسلمانن لا۽ بھترين نمونو آھي پاڻ ڪريمن جي سيرت تي عمل ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت ٺھي پوندي ھن چيو ته پاڻ ڪريمن فرمايو آھي علم حاصل ڪريو ڇو نه پو۽ اوھانکي چين وڃڻو پوي تقريب کي اسڪول جي پرنسيپال خليل احمد گل اشفاق احمد سومرو محمد ٻڍل راڄڙ مقبول احمد مھتم پرويز حسن منگي ارسلان منگي ساجد منگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪري حضور صه جي زندگي تي روشني وڌي تقريب جي آخر ۾ اسڪولي استادن شاگردن ۽ شاگردياڻين ساوا جھنڊا ھٿن ۾ کڻي شھر ۾ ھڪ وڏي ريلي ڪڍي جيڪا پريس ڪلب ٺڪراٺو پھتي جتي لبيڪ يا رسول صه جا نعرا بلند ڪري پاڻ ڪريمن سان محبت جو اظھار ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو