سيشن جج شڪارپور جو ٽينٽ سٽي جو دورو،بنيادي سهولتون ڏيڻ جو حڪم

سيشن جج شڪارپور جو ٽينٽ سٽي جو دورو،بنيادي سهولتون ڏيڻ جو حڪم

شڪارپور (ن سنڌيار) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور منو مل ، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ايس ايس پي شڪارپور شيراز نظير عباسي ، ففٿ سول جج ء سٽزن ڪميٽي ميمبر عبدالحفيظ چاچڙ ء ٻين جج صاحبان بينظير بستي ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، ٽينٽ سٽي ۾ بجلي ، پيئڻ جي پاڻي ، راشن ء دوائن جو بندوبست ڪيو وڃي سيشن جج جي سٽيزن ڪميٽي ميمبر اسسٽنٽ ڪمشنر کي ھدايت ،ڪيمپ جي چوڌاري بيٺل برساتي پاڻي ڪڍرايو. سيشن جج شڪارپور تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور منو مل ، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ايس ايس پي شڪارپور شيراز نظير عباسي ، ففٿ سول جج عبدالحفيظ چاچڙ ء ٻين جج صاحبان بينظير بستي ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو . ان موقعي تي سيشن جج، ٻوڏ متاثرن کي راشن، دوائون ء پيئڻ جي پاڻي ء بجلي جي سھولت ڏيڻ جي ھدايت ڪئي. جڏھن ته ڪميٽي ميمبر اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو کي چيو ته ٽينٽ سٽي جي آسپاس بيٺل ٻاڻي نيڪال ڪرايو وڃي . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳاھائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته ريسڪيو، ريليف ء ريھبلٽيشن جا ٽي مرحلا ھڪ ئي وقت ھلي رھيا آھن، سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي چئني تعلقن ۾ ھڪ ھڪ سئو جا چار ٽينٽ سٽي قائم ڪري رھيا آھيون. ٻه سئو اٺونجاھ ڪيمپن مان ھاڻي ھڪ سئو ستر ڪيمپون ھلي رھيون آھن جن ۾ چوويھ ھزار متاثر مقيم آھن. اڳئين ھفتي کان تباھ ٿيل گھرن جي باقائدي سروي ڪئي ويندي ھن وقت تائين چوٽيھ ھزار گھر ڊھڻ جا انگ اکر آھن . سيشن جج شڪارپور سٽيزن ڪميٺي سميت خانپور ٽينٽ سٽي جو پڻ دورو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو