سيد ۽ سنڌ، ماٺ ڪريان تہ مشرڪ!

ليکڪ  ماما منٺار دايو
اسين جيڪي تمام مسڪين ۽ يتيم ضلعن ۾ شمار ٿيون ٿا، انھن جي مسڪيني جو رازڇا آھي؟ شايد ھيئن نہ ھجي، ترقي ڏيارڻ ۾ وڏو ھٿ چونڊيل نمائندن جو ھوندوآھي، سنڌ ۾ تقريبن 29 ضلعا آھن، جن مان تقريبن 8 ضلعا ڪراچيءَ ۾ اچي وڃن ٿا، باقي ٺٽو ضلعو جنھن جي نمائندگي ۾ سيد شامل آھن، سجاول ضلعو بہ سيدن جي نمائندگي سان سلھاڙيل، بدين ضلعي ۾ بہ سيدن جي نمائندگي آھي، ٽنڊو. محمد خان ضلعو بہ سيدن جي نمائندگي ۾ آھي، ٽنڊي الھيار ۾ بہ سيدن جي نمائندگي، حيدرآباد ۾ سيدن جي نمائندگي، ڄامشوري ۾ سيدن جي سرواڻي، دادو پڻ سيدن جي حوالي، خيرپور سيدن جي حوالي، نوابشاھ بہ سيدن جي زير اثر،نوشھروفيروز ۾ بہ سيدن جي نمائندگي، سکر بہ سيدن جي حوالي، ميرپورخاص بہ سيدن جو قلعو، عمرڪوٽ جي نمائندگي بہ سيد ڪن ٿا، سانگهڙ بہ سيدن جي زيراثر آھي، مٽياري سيدن حوالي، باقي ڇا وڃي رھيو آھي؟! ان ۾ مٺي بہ سيدن حوالي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، قمبر شھدادڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪشمور رھيا آھن، جتي بہ پنھنجون ڪاوشون جاري رکيو اچن ۽ ڪراچي جي بہ ڪن ضلعن جي نمائندگي سيدن ڪن ٿا، مطلب تہ سڄي سنڌ تي سادات ايسوسيئشن جي حڪومت قائم آھي! ان کان علاوہ جيڪي ٻيون پارٽيون آھن، انھن جي بہ گهڻو ڪري اڳواڻي سيد ڪن ٿا! سيد سڀ جاگيردار، صنعتڪار ۽ مڙئي جيڪي آمدنيءَ جا وسيلا آھن، انھن تي ھنن جي گرفت آھي! ھاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي تہ رڳو سياسي سمجهہ، ڄاڻ آھي شاھ صاحب رکندا آھن؟! يا ڪو ٻيو سبب آھي؟ جو سڄي سنڌ جي نمائندگي سيدن جي سر تي اچي پئي! تہ ڇا سنڌ ۾ ٻيا ڪي بہ اھڙا فرد يا شخصيتون ناھن، جيڪي پنھنجن ماڻھن جي سرواڻي ڪن؟ يا ڪي ٻيا سبب آھن؟ جنھن ڪري ٻيا ڪي فرد يا شخصيتون اڳتي اچي نٿيون سگهن؟! سنڌ جو ماڻھو ڏاڍو سٻاجهو، ويساھ جو وسوڙيل رھيو آھي، ادب ۽ احترام، نياز ۽ نوڙت ۾ ٻين کان تمام گهڻو اڳتي آھي! ڏسو! ڀلي سئو گهر ھجن يا ھزار ماڻھو ھجن ۽ ھڪڙو سيد ھجي، پر سيد کي وري تمام گهڻي عزت ملندي ۽ سيد کي مان ۽ مرتبو ڏئي سڀني کان مٿانھين جاءِ تي ويھاربو ۽ ڏاڍي احترام سان ھن جي عزت ڪئي ٿي وڃي! جنھن جو ھي تسلسل آھي تہ سڄي سنڌ سيدن حوالي آھي! ڪير بہ ڪجهہ نٿو ڪري سگهي! جنھن ڪري ڪافي اھڙا ڪم ٿا ٿين جو ماڻھو سوچي بہ ٿو سگهي! پر ھڪ ھٽي سادات ايسوسيئشن جي ڪري ڪجهہ نٿو ٿئي! تازو سجاول ضلعي ۾ عوامي ڪچھري رکي وئي، جنھن ۾ ورڪرن ۽ عوامي نمائندن ۾ چپقلش ٿي وئي! جهيڙو ٿي پيو ۽ ڪچھري ملتوي ڪئي وئي. حڪومت سنڌ ۽ پارٽي، ڪميٽي مقرر ڪئي! ٻنھي ڌرين کي ٻڌو ويو؛ ڇا ٿيو خدا بھتر ٿو ڄاڻي! پر ظاھر آھي ڇا ٿيندو، ڪجهہ وقت کانپوءِ خاموشي ٿي ويندي! ڇا جي ڪري جهيڙو ٿيو؟ اھو سڀني کي خبر آھي! سڄي سنڌ ۾ رڙيون آھن تہ ڪو ڪم نٿو ٿئي! پر خاص ڪري سجاول ضلعي جي حالت ٻين ضلعن جي مقابلي ۾ تمام خراب آھي! ھن ضلعي ۾ جيڪڏھن ڪو ڪم منظور ٿئي ٿو، ان جو ٽينڊر ٿئي ٿو تہ جنھن ٺيڪيدار کي ان کي ايڊوانس ۾ پرسنٽيج ڏيڻو ٿو پوي، ان کانپوءِ وري مون جهڙا صحافي حضرات، ان کانپوءِ آفيسر صاحبان، ان بعد ڪم ٿيندو! اڌ منو حصوتہ ويو ائين باقي جيڪو ڪم ٿيندو اھو دنيا ڏسندي! ھڪ ڪروڙ 65 لک رُپين جي اسڪيم مان 35 لک رُپيا تہ پھرين ڏبا، ان بعد ٽينڊر بحال ٿيندو! ان بعد ٻيا بہ حصو وٺندا! سڄي ضلعي ۾ الله الله مڙئي خير! ھنن ضلعن ۾ ٽائون ڪميٽيون، ميونسپلون ۽ يونين ڪائونسلون، سيڪريٽرين ۽ ٽائون آفيسرن کي ٺيڪي
تي مليل آھن! يعني يونين ڪائونسلن جو سيڪريٽري اھو ٿيندو جيڪو آيل قسط مان پھرين حصو ڏيندو! پوءِ ٻيو ڪم ٿيندو! مقرر ماڻھو بئنڪن تي مقرر ڏينھن بيٺل ھوندا آھن، جيڪي پنھنجو پنھنجو حصو وصول ڪندا! نيٽوَرڪ تمام سٺو رکيل آھي! مجال آھي جو ڪير ٻڙڪ ٻاھر ڪڍي! مقرر ڪيل ماڻھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو بہ چوڻ نہ ڪبو! ۽ نہ ئي ڪو ڪم ٿيندو! گرفت ايتري تہ مضبوط آھي جو ضلعن ۾ جيڪي آفيسر مقرر آھن اھي سڀئي ھنن جي آشيرواد سان مقرر ٿيل آھن! اھي اھڙا آفيسر آھن جهڙو ڪر سندن ذاتي ملازم ھجن! انھن حالتن ۾ عام ماڻھوءَ جي زندگي ڪيئن ٿي گذري؟ اھو ڪنھن کي دانھن ڏي؟ ڪنھن کي پنھنجي پريشاني ٻڌائي؟ آفيسن ۾ اھا حالت آھي جو ڊوميسائل لاءِ پيپر ناھن ضرورتمند بازار مان پيپر وٺي اچي ان بعد ڊوميسائل ٺھي! ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لاءِ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ پنا ناھن! جڏھن بازار مان پنا وٺجن تڏھن ڊيٿ سرٽيفڪيٽ ٺھي! آفيسر آفيسن ۾ ويھن ئي ڪونہ! ڪڏھن ڪھڙي در تي، تہ ڪڏھن ڪھڙي در تي! عام ماڻھو ڀاڙا ڀري خوار ٿيو وڃي! جيڪڏھن ڪنھن معتبر جا نورِ نظر آھيو تہ مڙئي خير آھي ان جو ڪم گهر ويٺي ٿي ويندو، باقي پيو رُلندو! ضلعي جي ھرکاتي ۾ مخصوص ماڻھو مقرر ٿيل ھوندا آھن، جن جي ذريعي ڪم ڪار ھلايو ويندو آھي! مجال آھي جو ائين بنا چوڻ جي ڪم ٿئي! انھن حالتن ۾ يتيم ضلعن جي ماڻھن جي زندگيءَ جو ڪارونھوار ھلي اھو تمام ڏکيو معاملو آھي! ھاڻي ويترحالتون خراب آھن! مٿان نوڪريون ملڻ جو آسرو ٿيو آھي، يارھن سالن کان نوڪرين تي بندش پيل ھئي، اھا لٿي آھي، نوجوان پڙھيل لکيل جيڪي ڏھن يارھن سالن کان ڌڪا کائي رھيا آھن، اھي وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائي رھيا آھن! جنھن سان ڳالهائي اھو، اھو راڳ ٿو ٻڌائي تہ بابا ميرٽ ۽ ڪوٽا تي نوڪريون ملنديون يا ٽيسٽ ذريعي! ھا سائين! تمام سٺيون خبرون ٿا ٻڌايو، پر معاف ڪجو، دادو ضلعي جا بيلدار، ٺٽي ضلعي ۾ ميرٽ ۽ ڪوٽا تي ڀرتي توھان ڪيا! شڪارپور ضلعي جا يونين ڪائونسل سيڪريٽري سجاول ضلعي ۾ توھان ڀرتي ڪيا! ڊيلي ويجز، ڪانٽريڪٽ تي ڪارپور، دادو، لاڙڪاڻي، خيرپور، نوابشاھ ضلعن جا ماڻھو توھان رکيا! جيڪي ٽِن مھينن کانپوءِ پڪا ٿي ويا! اسان جيڪي يتيم ضلعن جا رھواسي سي بيلداري جهڙي اھليت بہ نٿا رکون! ۽ اسان جس ويچارا نمائندا يا رڳو مال ميڙڻ ۾ پورا آھن يا اھو جواب ٿا ڏين تہ پارٽي ڊسيپلين جو سوال آھي! معاف ڪجو! جيڪو ماڻھو پاڻ ڪنھن معاملي ۾ کاتل ھجي اھو ڇا ڪُڇي ٿو سگهي تہ ھي ظلم آھي؟! جيڪڏھن ٿو ڳالھائي تہ سندس پول ٿا پڌرا ٿين! انھيءَ ڪري نہ چونڊيل نمائندا، نہ ئي پارٽي جي عھديدارن مان ڪا اميد رکي سگهجي ٿي! جيڪڏھن ڪير ڪجهہ رڙيون ڪري بہ تہ اول ڪير ٻڌندو ڪونہ، پرجيڪڏھن ڪنھن رڙ ڪئي تہ ان جو حشر کُلي ڪچھري جهڙو ڪيو ويندو! ڇا ٿا سمجهو تہ انصاف جي اميد ڪھڙي رکون؟ اڄ مرحوم مير علي احمد ٽالپر جا لفظ ذھن ۾ھٿوڙا ھڻي رھيا آھن، جنھن مرحوم ھالا ڪانفرنس ۾ ڀٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ھو تہ ڀٽا صاحب! انقلاب جو رستو وٺو ۽ اليڪشن ۾ حصو نہ وٺو! جيڪڏھن اليڪشن ۾ حصو ورتو تہ دنيا توھان کي ٻيو ھٽلر چوندي! ڇا ھي آھي اُھا جمهوريت جنھن لاءِ ڀٽي صاحب، سندس خاندان، پارٽي جي ھزارين ڪارڪنن ڦٽڪا، ڦاسيون، جيل ڪاٽيا، جن ذلتون سَٺتيون، قيد ڪاٽيا، انھن جي ٻچن سان ھنن چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي جي عھديدارن جيڪو حال ڪيو آھي، اھو سڀني جي سامھون آھي! رڳو ڪنھن غريب کي ڪو نالي ماتر عھدو ٿو ملي، سو بہ اسان جي وڏيرن کي ڏکيو ٿو لڳي! ورڪرن سان بہ اھو حال ڪيو ويو آھي، جيڪو ھن ڇوڪري سان ٿيو ھو، ”جي ٿي ڳالهہ ڪري ماڻس ٿي موچڙا کائي، جي ٿي ماٺ ڪري تہ پڻس ٿو ٻلو کائي.!!ڪُڇان تہ ڪافر ٿيان، ماٺ ڪريان تہ مشرڪ…!! mamamanthardayo786@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو