تھران (ويب ڊيسڪ)ايران جي هڪ اعليٰ فوجي ڪمانڊر خميس ڏينهن آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته هو ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي ڪارروائي کان پاسو ڪن، جڏهن ته ملڪ جنگ جي پهرين ڏينهن هوائي حملن ۾ مارجي ويل اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي سرڪاري جنازي جي تيارين ۾ مصروف آهي. خاتم الانبيا سينٽرل هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر علي عبداللهي سرڪاري ميڊيا ذريعي جاري ڪيل بيان ۾ چيو: “اسان ايران جي دشمنن، خاص طور تي آمريڪا ۽ صهيوني حڪومت (اسرائيل)، کي خبردار ڪريون ٿا ته هو ڪنهن به غلط اندازي کان پاسو ڪن ۽ اهو چڱيءَ طرح سمجهن ته جيڪڏهن اسان جي ملڪ خلاف ڪنهن به قسم جو خطرو يا جارحيت ڪئي وئي ته اسان جون هٿياربند فوجون انتهائي سخت جوابي ڪارروائي ڪنديون.” آيت الله علي خامنه اي جي جنازي جون تقريبون 4 جولاءِ تي تهران ۾ شروع ٿينديون ۽ 9 جولاءِ تي سندس اباڻي شهر مشهد ۾ تدفين سان پڄاڻي تي پهچنديون. ان دوران قم ۽ عراق ۾ پڻ مختلف تعزيتي تقريبون منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي به ساڳئي نوعيت جو خبردار ڪندڙ بيان جاري ڪيو هو. هن چيو هو ته جيڪڏهن ايران جي عوام يا قيادت خلاف ڪنهن به قسم جو خطرو پيدا ڪيو ويو ته تهران فوري ۽ طاقتور جواب ڏيندو. عباس عراقچي جو اهو بيان اسرائيل جي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاٽز جي ان بيان کان پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران جو موجوده سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي “مارڻ لاءِ نشاني تي رکيل آهي.” ايراني ميڊيا موجب، جنازي جي تقريبن دوران سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف، ايران جي سول ايويئيشن آرگنائيزيشن جي سربراهه اربع ڏينهن اعلان ڪيو ته جنازي جي ڏينهن دوران تهران ۽ مشهد سميت ڪيترن ئي شهرن جي فضائي حدن تي عارضي پابنديون لاڳو ڪيون وينديون….. ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل اعلان ڪيو آهي ته شهيد سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي ۽ ايراني عوام خلاف ڏوهن ۾ ملوث عنصرن کي مناسب وقت تي سزا ڏني ويندي. ايراني ميڊيا مطابق، ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محمد باقر ذوالقدر اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ”شهيد قائد جي شهادت وقت بند مٺ ايران جي قومي سلامتي نظريي جي هڪ دائمي علامت رهندي“.ياد رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبٰي خامنه اي پنهنجي پهرين بيان ۾ چيو هو ته هن پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سندس مڙهه (جسمِ خاڪي) ڏٺو، جنهن ۾ سندس مٺ بند هئي جيڪا مزاحمت جي آخري علامت هئي. محمد باقر ذوالقدر چيو ته خامنه اي ۽ ايران جي مظلوم شهيدن جي رت جو بدلو وٺڻ جو معاملو اڃا پڄاڻي تي ناهي پهتو. هن جو چوڻ هو ته انهن ڏوهن کي ڪندڙ ۽ حڪم ڏيندڙ عنصرن کي تمام جلد، مناسب وقت تي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو.
آمريڪا ۽ ايران ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پاڪستان
قطري ۽ پاڪستاني ثالثن اڄ دوحا ۾ آمريڪي ۽ ايراني ڳالهيون ڪندڙ وفدن سان الڳ الڳ ملاقاتون مڪمل ڪيون، جن دوران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MOU) سان لاڳاپيل معاملن تي، سوئٽزر لينڊ جي ڍنڍ لوسرن سربراهي اجلاس جي اڳڀرائي کي بنياد بڻائيندي، هاڪاري پيش رفت ٿي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ايندڙ عرصي دوران ڳالهيون جاري رکيون وينديون، جڏهن ته ايندڙ اجلاس جي تاريخ اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر سيد علي خامنائي جي جنازي جي رسمن ۽ جلوسن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، جلد کان جلد مقرر ڪئي ويندي.
ايران جون فوجي صلاحيتون ”ڳاڙهي لڪير“ ۽ ناقابلِ مذاڪرات آهن: ايراني وزيرِ دفاع
ايران جي قائم مقام وزيرِ دفاع هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ملڪ جون فوجي صلاحيتون هڪ ”ڳاڙهي لڪير“ آهن ۽ آمريڪا سان مذاڪرات دوران انهن تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي. ايران جي قائم مقام وزيرِ دفاع ماجد ابن الرضا پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ”اسلامي جمهوريه ايران جي دفاعي، ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتون اسان جي قومي سلامتيءَ لاءِ ڳاڙهي لڪير آهن.“هن وڌيڪ چيو ته، ”اهي صلاحيتون نه هاڻي قابلِ مذاڪرات آهن ۽ نه ئي مستقبل ۾ هونديون.“ ماجد ابن الرضا جو اهو به چوڻ هو ته ايران جا ”ميزائل ۽ ڊرون پروگرام وڌيڪ ترقي ڪندا رهندا.خيال ڪيو وڃي ٿو ته جنگ دوران ايران هزارين ڊرونز استعمال ڪيا، جيڪي هن نار (خيلج) جي پاڙيسري ملڪن ڏانهن فائر ڪيا. اهي بنا پائلٽ جي جهاز ايران لاءِ وڏي انگ ۾ تيار ڪرڻ نسبتاً سستا آهن ۽ جڏهن انهن کي وڏي تعداد ۾ استعمال ڪيو وڃي ته اهي فضائي دفاعي نظام کي ناڪام بڻائي سگهن ٿا. انهين ڊرونز کي ڪيرائڻ پڻ مهانگو ثابت ٿيو آهي.
بمباريءَ کان متاثر ٿيل ائٽمي اڏن جي معائني جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي: ايران
ايران چٽو موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته بمباريءَ سبب متاثر ٿيل ايراني ائٽمي اڏن (جوهري تنصيبات) جي معائني جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. ايران جي پارليامينٽ اسپيڪر ۽ مذاڪرات ڪار محمد باقر قاليباف چيو آهي ته جن ايراني ائٽمي اڏن کي اسرائيل ۽ آمريڪا پاران بمباريءَ جو نشانو بڻايو ويو ۽ نقصان پهچايو ويو، انهن جو معائنو ڪرڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت ناهي. ايران جي اسٽوڊنٽ نيوز نيٽ ورڪ سان گفتگو ڪندي محمد باقر قاليباف واضح ڪيو ته بين الاقوامي ائٽمي توانائي ائجنسي (IAEA) کي ايران ۾ صرف ٻن هنڌن تائين پهچ ڏني وئي آهي، جن ۾ بوشهر ائٽمي بجلي گهر به شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”پهچ صرف ان حد تائين آهي ۽ اسان ان جا پابند آهيون.“
سپريم ليڊر آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هجي ها ته اسان يقينن ان تي عمل ڪريون ها: ايراني صدر
ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان آمريڪا سان مذاڪرات جو دفاع ڪندي چيو آهي ته سپريم ليڊر انهن مذاڪرات تي ڪا به پابندي ناهي مڙهي. ايراني سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ”آئي آر اين اي“ (IRNA) مطابق صدر پيزشڪيان چيو ته جيڪڏهن سپريم ليڊر مجتبٰي خامنه اي مذاڪرات نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هجي ها ته حڪومت يقيني طور تي ان تي عمل ڪري ها. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي سپريم ليڊر جي موقف کانپوءِ ايران ۾ ان معاهدي بابت اندروني سطح تي بحث جاري آهي، ڇاڪاڻ ته هن چيو هو ته هو ان معاهدي تي ”مختلف راءِ“ رکي ٿو. نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ”تسنيم نيوز ائجنسي“ مطابق صدر پيزشڪيان چيو ته ”ملڪ جي هٿياربند فوج جو دفاع ڪرڻ منهنجو فرض آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي.“










