ليکڪ ڄام پيرزادو
دادو ضلع جو تعلقو خيرپورناٿن شاهه ڪاڇي کان ڪچي تائين اهم تعلقو آهي. جيڪو سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ڪاروباري حوالي سان سنڌ توڙي ملڪ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هن تعلقي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ فلاح ماڻهن پنهنجي ڪيل ڪمن وسيلي عوام ۾ مان مرتبو ماڻيو آهي. انهن ۾ خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ جمعو خان لاکير جو رهواسي محبتي ۽ مانائتي شخصيت عابد حسين لاکير به هڪ آهي. عابد حسين لاکير اڳوڻو قومپرست اڳواڻ رهيو آهي. جنهن شاگردي واري دؤر کان سياسي طور متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ هن وقت تائين سياسي، سماجي طور انتهائي متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ عابد حسين لاکير جهڙا قومپرست اڳواڻ گهٽ هوندا. جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي جي ماڻهن جي سماجي، معاشي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا هجن. عابد حسين لاکير پنهنجي علائقي جي بيروزگار نوجوانن کي نه رڳو مختلف سرڪاري، خانگي ادارن ۾ نوڪريون ڏياري روزگار سان لڳايو آهي. پر ڳوٺن ۾ روڊ، رستا ٺهرائڻ، پيئڻ جي پاڻيءَ جون واٽر سپلاءِ اسڪيمون لڳرائڻ، هينڊ پمپ لڳرائڻ سان گڏ زرعي پاڻي جي لاءِ پڪا واٽر ڪورس منظور ڪرائي پڻ ٺهرايا آهن. ڳوٺن ۾ پرائمري کان مڊل اسڪول، هاءِ اسڪولن تائين تعليمي ادارا منظور ڪرائي غريب ماڻهن جي تعليمي معيار بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڳوٺن ۾ گئس، بجلي جون سهولتون ڏيارڻ ۽ ان سان گڏ عام مسڪين ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن. جيڪڏهن سنڌ ۾ بهترين سياستڪار به سماج سڌارڪ ۽ عوام جو هڏڏوکي جو نالو وٺجي ته اسان عابد حسين لاکير جو نالو به انهن ماڻهن ۾ شامل آهي. عابد حسين لاکير جيڪو پنهنجي سياسي سفر ۾ سن جي سائين جي.ايم.سيد جي فڪر سان سلهاڙيل رهيو. جنهن جي ذريعي سندس خاندان جو سياسي تعلق ميهڙ تعلقي جي ٻيٽو جتوئي جي ناليواري قومپرست ۽ برک سياستدان مرحوم خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي ۽ هاڻي سندس پٽ خانصاحب لياقت علي خان جتوئي ۽ ڀائرن سان وابسطا آهي. عابد حسين لاکير يونين ڪائونسل ٿلهو جو ٻه دفعا ناظ۾ پڻ رهي چڪو آهي. جنهن پنهنجي دور ۾ غريب ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ علائقي ۾ ڊرينيج، روڊ، رستا، گهٽيون، بجلي، گئس، صحت، تعليم جا مسئلا حل ڪرايا. عابد حسين لاکير خيرپورناٿن شاهه جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پڻ ڪم ڪرايا جنهن ڪري سندس جو نالو ۽ ڪردار عوام جي دلين ۾ رهيو آهي. عابد حسين لاکير خيرپورناٿن شاهه کان سنڌي ٻٽڙا تائين ورلڊ بئنڪ کان ڪارپيٽيڊ روڊ منظور ڪرايو جيڪو ٺهي راس ٿي چڪو آهي. هن روڊ ٺهڻ سان خيرپورناٿن شاهه تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن. خيرپورناٿن شاهه جي تاريخ ۾ هي بهترين ڪارپيٽيڊ روڊ ٺهيل جنهن جي نگراني هن پاڻ ڪئي هئي ۽ ڪم هلڻ دوران هو روزانو روڊ جي ڪم جو جائزو وٺندو هو. ان سان گڏ هن ڳوٺ ٿلهو، جمعو لاکير، گاهي لاکير، سائينداد لاکير، يار محمد ڀرڳڙي، علي محمد لاشاري ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن کي اسڪول، مڊل اسڪول ۽ گئس ، روڊ رستن جون سهولتون ڏنيون. سندس جي اهڙن ڪمن جي ڪري علائقي واسي هن کي ساراهه ڪن ٿا. عابد حسين لاکير طبيعت خوش مزاج ۽ ڪچهري جو مور آهي.

سندس جي اوطاق تي هر وقت ميلا متل رهن ٿا. سندس جي گفتن جي خوش مزاجي ۽ ڪچهري ۾ برجستا لفظ ڳالهائي هڪ ڀلوڙ گفتا شناس پڻ رهيو آهي. سندس جو ادب سان به گهرو واسطو آهي. ڪتابن کي پڙهي ٿو ۽ شاعري سان پڻ لڳاءُ اٿس. عابد حسين لاکير پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ هڪ اهڙو املهه ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي جو سندس جا ڳڻ خيرپورناٿن شاهه واسي ڳائيندا رهندا. عابد حسين لاکير ۾ خوبيون گهڻيون ۽ خاميون گهٽ آهن. هو گلن جي باغ جو اهڙو خوبصورت گل آهي جنهن جي خوشبوءِ بهار وانگي مهڪندي رهي ٿي.
ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.
عابد حسين لاکير جي سچائي ان مان به ظاهر ٿيندي آهي ته سندس وٽ ڪو به ڪم لاءِ ايندو آهي ته هو بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ان سان هڪدم گڏ هلي پوندو آهي. جيڪو هن جي وس هلندو آهي اهو ان جو ڪم ڪرائي ڏيندو آهي. سندس جي اهڙن ڪمن جي ڪري علائقي جا ماڻهو دل سان عزت ڪندا آهن. عابد حسين لاکير اهڙو ته موتي داڻو آهي. جنهن جي لفظن ۾ موتي نکرندا نظر ايندا آهن. جنهن ڪري سندس جي تعريف به ٿيندي آهي ۽ ڪجهه سياسي مخالفن جي ڪري کيس کي تنقيد به ٻڌڻي پوندي آهي. پر هو حق سچ جي واٽ تي هلندو آهي پوءِ ڀلي ان کي نقصان ٿئي هو فائدو وٺڻ وارن مان نه پر فائدو ڏيڻ وارن مان آهي. سماجي شخصيت عابد حسين لاکير هڪ پڙهيل لکيل سلجهيل ۽ محبتي شخصيت پڻ آهي. عابد حسين لاکير جي خوش مزاجي ۽ سهڻي طبيعت جي ڪري احترام لائق دوست سندس کان مان مرتبو ڏين ٿا. دوستي جو وسيع حلقو رکندڙ عابد حسين لاکير اڄ به پنهنجي روبدار ۽ قدآور شخصيت ڪري هو هر جاءِ تي نمايان نظر اچي ٿو. عابد حسين لاکير پنهنجي ڪردار، اخلاق ۽ سماجي ڪمن وسيلي به ماڻهن سان ميل ميلاپ ڪندي نظر ايندو آهي. هو خيرپورناٿن شاهه تعلقي جي اهڙي ته خوبصورت شخصيت آهي جنهن پنهنجي محنت سان سياسي ۽ سماجي حوالي سان اهڙو ته مقام ٺاهيو آهيو جو سندس جي تعريف مخالف به ڪندا رهن ٿا. هن خطي جو هڪ اهڙو سڳنڌ جو خوبصورت ڪردار آهي جنهن جي خوشبوءِ سان باغن ۾ بهار اچي سگهي ٿو. اهو خوبصورت سهڻو گل عابد حسين لاکير طور اسان جي دلين ۾ گلاب جي گل جيان ڌڙڪندو رهندو. jaampeerzado@gmail.com










