سياسي ڇڪتاڻ مان ڪير لاڀ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟ – عبداش پنهور

خاص عدالت جو خاص شخصيت بابت جڏهن گذريل هفتي جيڪو فيصلو آهي انهيءَ فيصلي خاص سياسي مانڊاڻ جوڙي ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو وري نيب کي اختيارين سرگرم ڪري ڇڏيو آهي. نيب بلاول ڀٽو زرداري ۽ احسن اقبال کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي رهي آهي. نيب جي وڪڙ ۾ آيل راڻا ثناءُالله جي ضمانت به ٿي وئي آهي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ عدالت مفتاح اسماعيل جي آزاديءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اها تيزي پڻ خاص سياسي ماحول طرف اهم اڳڀرائي ضرور آهي، پر ساڳئي ماحول ۾ اهو خاص فيصلو پرويز مشرف جي نالي ديس دنيا پچاريو آهي، پر انهيءَ کان به اڳ ويندڙ چيف جسٽس آرمي چيف جي مدي واڌ بابت هڪڙو ڳرو حڪم ڏيئي ويو آهي، تڏهن کان نوان انداز لوڪ اڳيان نمودار ٿي رهيا آهن. هڪڙي ڳالهه تمام اهم آهي جنهن کي آئين ۽ پارلياماني تاريخ ۾ وڏي اهميت هوندي آهي پر هتي چيو ويندو آهي ته سڀني ڳالهين کان ڳري ڳالهه سلامتيءَ جو سوال هوندو آهي، جنهن کي رياست جي سلامتي سان ڳنڍيو ويندو آهي.

25 ڊسمبر سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح جو اهم ڏڻ به آهي جنهن قيادت ۾ ووٽ جي پرچي تي ننڍي کنڊ ۾ نئين نالي سان هڪڙو دنيا ۾ ملڪ پاڪستان ٺهيو هو. جنهن جي خاص تشريح 23 مارچ 1940ع جي قرارداد لاهور کي اهميت وارا ڌار دليل ڏين ٿا، ته انهي قرارداد جي مخالفت ۾ ٻه ڌار ڌار دليل خاص اهميت رکن ٿا، جنهن ۾ هڪڙو دليل قرارداد مقاصد لياقت علي جو روح آهي، ٻيو نقطو اهو آهي ته ننڍي کنڊ جي اهم مسلمان اڳواڻن پڻ انهيءَ ڳالهه جي مخالفت ڪئي. وقت جو وهڪرو ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو، جيڪو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سوچ فڪر سان سلوڪ ڪيو ويو، اهو به تاريخ جو رڪارڊ آهي ته جيڪو وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان سان واقعو برپا ٿيو، اها به تاريخ آهي. هاڻ هي تازا سوال لوڪ سامهون اچي رهيا آهن ته ڪنهن غدار يا دشمن کي مارڻ کان پوءِ عجب جي علامت لاءِ لاش ڪنهن چونڪ تي ٽنگي ڇڏڻ جي جديد اسلامي تشريح جو مثال ته طالبان افغانستان ۾ شهيد نجيب الله واقعي سان قائم ڪري چُڪا آهن، هاڻ ٻين آوازن سان گڏ برک عالمي دين مولانا طاهر اشرفي کان علامه حسين اڪبر تائين آواز اچن ٿا ته اهو عمل نج غير اسلامي عمل آهي. جيڪڏهن اِئين آهي ته افغان صدر نجيب الله جي بيدرديءَ سان قتل واري عمل کي ڇا چئجي ۽ خود نجيب الله کي ڪهڙو اعزاز بخشجي؟ شايد گهڻ ماڻهن کان اها ڳالهه به وسري ٿي وڃي ته گڏيل قومن جي ميزباني واري افغان صدر برهان الدين رباني (جيڪو پڻ ساڳئي جنگ ۾ ڀيانڪ انداز سان قتل ڪيو ويو) جي حڪومت کي ختم ڪندڙ افغان طالبان جڏهن ڪابل تي قبضو ڪيو هو ته اهڙي قسم جي طرز حڪومت کي مڃڻ وارن ۾ پهريون ملڪ اسان جو هو. تازو اهڙو ماحول تڏهن بيان ٿي رهيو آهي جڏهن خاص عدالت هڪ خاص سزا جو فيصلو ڏنو آهي، جيڪو فيصلو خاص شخصيت جي باري ۾ آهي. اها خاص شخصيت جنهن جو نالو پرويز الدين ولد مشرف الدين سهروردي آهي، جنهن جي بطور آرمي چيف مقرري پڻ تڪراري سبب سامهون آئي هئي، جنهن کي وقت جي وزيراعظم نواز شريف سينئرن تي اهميت ڏني هُئي. اڳيان هلي خبر ناهي ڪهڙي قسم جو ڦڏو وقت جي وزيراعظم نواز شريف سان شروع ٿي ويو، تڏهن 12 آڪٽوبر 1999ع جي شام وقت جي وزيراعظم نواز شريف نئون آرمي چيف جنرل ضياءُالدين بٽ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ان فيصلي تي وڏي مزاحمت سامهون اچي وئي. بس ڪجهه ڪلاڪن دوران حالتن تمام وڏو پلٽو کاڌو، سريلنڪا جي دوري تي ويل پرويز مشرف کي عهدي تان هٽائڻ جو اطلاع مليو ته ڪور ڪمانڊرز جي اڪثريت پرويز مشرف سان گڏ بيهڻ جو اصولي فيصلو ڪندي وقت جي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ساٿين کي گهر ڀيڙو ڪرائي ڇڏيو. اها به هڪ تاريخ آهي، ڪنهن کان ڪنهن جي تاريخ وسري به وڃي پر تاريخ پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به ناهي وساريندي. 72 ڪلاڪن دوران پرويز مشرف ۽ سندس ساٿين سمورين حالتن تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ٽي وي تي اچي خاص خاص اعلان ڪيا ويا. هاڻ پرويز مشرف بطور آرمي چيف سان گڏ خاص عهدي جو به اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪو اڳ ڪڏهن به پاڪستان ۾ موجود نه هو، اهو عهدو چيف ايگزيڪيٽو آف پاڪستان جو آهي. اهو منظر به ڪنهن کان وسرڻ نه کپي ته نواز شريف جي روانگي تي بلاول هائوس ۾ ڪارڪنن پاران سرهائيءَ جو منظر جُڙيل هو. محترمه بينظير ڀٽو جبري جلاوطني ڀوڳي رهي هئي ۽ آصف علي زرداري نواز شريف جو قيدي رهندي پرويز مشرف جي زماني جو قيدي بڻجي ويو هو. نوي جي ڏهاڪي کان اڄ تائين محترمه بينظير ڀٽو کان آصف علي زرداريءَ تائين سڀني پ پ عهديدارن خلاف بطور پ پ رڪارڊ جي ته سياسي انتقام تي ٻڌل ڪيس نواز شريف جي دور ۾ داخل رهيا آهن. جنهن ۾ پ پ خلاف ميڊيا ٽرائل، عدالتي ٽرائل، سياسي ٽرائل جهڙيون سزائون ڀوڳيندي رهي آهي. اها به هڪ تاريخ آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. تاريخ ضرور پنهنجو پاڻ کي سانڍي رکندي آهي. تڏهن اها به هڪ تاريخ آهي ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه پونم سنڌ جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي پهريون سياسي اڳواڻ هو جنهن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز مشرف پاران پارليامينٽ تي هلان ڪرڻ خلاف پنهنجو نه صرف ردعمل ڏنو هو پر سخت کان سخت مذمت به ڪئي هئي ۽ اڳتي هلي پهرين مڪاني چونڊ عمل کان ريفريندم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو. پرويز مشرف سان ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ پهرين ريفرينڊم جلسي جي موقعي تي کُلي حمايت جو اعلان ڪيو ويو هو پر تنهن ڏينهن به ايم ڪيو ايم جي ٻن اڳواڻن جا ٻوريءَ ۾ بند لاش مليا هئا. پرويز مشرف جڏهن پهريون ڀيرو مڪاني چونڊون ڪرايون، تڏهن سموري پاڪستان ۾ ناظمن جو انگ پ پ جي حامين جو سامهون آيو، جڏهن سن 2002ع آڪٽوبر تي عام چونڊون ٿيون، تڏهن به اليڪشن ڪميشن جو رڪارڊ موجود آهي، گهڻي کان گهڻا ووٽ به پ پ کي مليا ۽ پ پ وڏي سياسي پارٽي طور اڳتي نڪري آئي هئي. ايم ايم اي/متحده مجلس عمل سان پنهنجي ايل ايف او کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ جنرل پرويز مشرف نئون سياسي پيٽرياٽ فڪر جو معجزو ڪيو ۽ پ پ پ اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرائي هڪڙي ووٽ جي اڪثريت سان وزيراعظم مير ظفرالله خان جماليءَ کي چونڊرايو هو. اهو ڪهڙو نامعلوم ووٽ هو، جنهن سوال جي جواب جي ڳولا ڪندو رهندو آهي، انهي جواب بابت سياسي لوڪ جي پرچارڪن جو خيال آهي ته انهي راز جو ڌڻي اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني آهي، ڇاڪاڻ ته هي پ پ پيٽرياٽ جو اهو دور آهي، جڏهن سيد يوسف رضا گيلانيءَ جي تسلسل ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي سربراهيءَ کي قبول ڪندڙ اڳوڻو پرڏيهي وزير سردار آصف احمد علي به پ پ کي ڇڏي ويو. سندس پ پ ڇڏڻ جو ساڳيو ئي اهو پيٽرياٽ جذبو آهي، جنهن سبب ملتاني مخدوم شاهه محمود قريشي به الڳ ٿي ويو، جنهن کي پ پ وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو، جنهن کي پ پ پرڏيهي وزير بڻايو پر ايبٽ آباد واقعي کان پوءِ جڏهن پ پ حڪومت جو گهيراءُ تنگ ڪيو ويو ته ملتاني مخدوم پنهنجو سياسي فيصلو ورتو. سندس فيصلو پڻ پيٽرياٽ سڏبو آهي. پيٽرياٽ بابت دليل سڀني ڌرين وٽ ڌار ڌار آهي، جنهن جي هڪڙي تشريح طور مخدوم فيصل حيات، آفتاب شيرپائو نورزشڪور کان رائو اقبال تائين پ پ جا ماضيءَ جا اهم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کان الڳ ٿي پرويز مشرف جا ساٿاري بڻجي ويا. اها به هڪ تاريخ آهي جنهن کي بار بار ياد ڪرڻ سان ذهن تازا ٿي پون ٿا. ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي؟ اها ڳالهه به ياد ڪرڻ جي آهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ پيٽرياٽ جي نئين تشريح به حيران ڪندڙ انداز سان سامهون آئي، جنهن جو مثال باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سميت ترقي پسند پورهيت هلچل پرچارڪن جهڙين شخصيتن کي ملڪ جي سولين ايوارڊ/اعزاز سان نوازيو ويو. نائن اليون کان پوءِ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو ماحول برپا ٿيڻ کان پوءِ اهو نعرو لڳايو ته “سڀ کان پهريان پاڪستان“ اهو نعرو هن ريفرينڊم مهم دوران مشهور ڪرايو هو. خاص عدالت جو پرويز مشرف بابت ڳرو فيصلو آيو آهي، تنهن سڀني کي ڇرڪائي ۽ مڇرائي ڇڏيو آهي. اسٽبلشمينٽ جو ردعمل لوڪ اڳيان اچي ويو آهي. وقت جي حڪومت جو خيال به ڳجهو ناهي. اهو به قانوني سوال آهي ته پرويز مشرف خلاف فريادي ڌر وقت جي حڪومت آهي ته پوءِ هيءَ حڪومت اپيل جو ڪهڙي قانون موجب حق رکي سگهي ٿي؟ حيران ڪندڙ سوال آهي وقت جي صدر آصف علي زرداري موت جي سزا ختم ڪرڻ جهڙو فيصلو ڪيو هو، تڏهن سندس فڪري مخالف انهي قدم کي صحيح قرار نه پيا ڏين پر هاڻ سڀني کان ڇرڪ نڪري رهيا آهن. هاڻ سڀ مڇرجي پيا آهن. اصولي طور عالمي انساني حقن واري تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل موت جي سزا جي خلاف هوندي آهي، تنهن ڪري وقت جي آصف علي زرداري عالمي طور پاڪستان جي انساني حقن بابت ساک کي سنوارڻ لاءِ اهڙو بهترين فيصلو ورتو هو، جيڪا ڳالهه گهڻن ئي جنونيت پسند سوچ کي تنهن وقت پسند نه آئي هئي ۽ نه وري اهي سمجهي سگهيا هئا ته وقت جي صدر آصف علي زرداريءَ اهو قدم ڇو پيو کڻي؟ ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري انتقام پسند عمل جو پنهنجي ذات ۾ تمام گهڻو مخالف رهيو آهي. سندس زندگيءَ جو تمام وڏو اهو اعزاز آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهن کان انتقام نه ورتو آهي. هي ماڻهو فڪر بينظير ته “جهموريت ئي بهترين انتقام آهي” جي اصول تي سدائين عمل ڪندڙ رهيو آهي. پرويز مشرف بابت آيل ڳرو فيصلو خطرناڪ ماحول برپا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪيترائي سوال به پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو جواب ايندڙ وقت ۾ لازمي اچڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪير سوالن جا جواب ڏئي يا نه ڏئي پر تاريخ پنهنجي چيخ مان چيچ جهلي جواب ڳولي ڪڍندي آهي. تازو پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا ربانيءَ چيو آهي ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 209 جي آڙ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ هاڻي جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف پنهنجي سياسي ايجنڊا پوري ڪري رهي آهي. حڪومت عدليه خلاف مهم هلائڻ کان پاسو ڪري، جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي هوندو. تاريخ جي ستم ظريفي آهي جو هڪ اهڙي شخص جي واکاڻ ٿي رهي آهي، جنهن آئين ٽوڙيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ ميان رضا رباني چيو آهي ته هڪ اهڙي شخص جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، جنهن آئيني عمل ۽ جمهوري ادارن کي پائمال ڪيو، جيڪا تاريخ جي ستم ظريفي آهي. هن چيو ته خاص عدالت جي فيصلي جي پيرا 66 جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي پر متاثر ماڻهن لاءِ قانوني رستو موجود آهي. هن چيو ته متاثر شخص ان پيرا کي فيصلي مان حذف ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ فيصلي خلاف اپيل به ڪري سگهي ٿو. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته حڪومت کي پنهنجي سياسي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 209 جو سهارو وٺڻ جي عادت آهي. هن چيو ته حڪومت فيض آباد ڌرڻي بابت فيصلي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، 12 مئي سانحي تي جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف آرٽيڪل 209 جي آڙ ورتي ۽ هاڻي جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف به ساڳي آرٽيڪل جي آڙ وٺي رهي آهي. رضا رباني چيو ته عدالتي فيصلي تي آرٽيڪل 209 تحت درخواست داخل نه ٿي ڪرائي سگهجي، اهو قدم آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي. رضا رباني چيو ته حڪومت عدليه خلاف منظم مهم هلائڻ کان پاسو ڪري. ساڳئي انداز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پرويز مشرف بابت عدالتي فيصلي سان ادارن ۾ تڪرار نه ٿيندو. پرويز مشرف ۽ حڪومت وٽ اپيل جو رستو موجود آهي، فيصلو اچي ويو آهي، اپيل جو فورم موجود آهي، مون کي نٿو لڳي ته فيصلي سان ادارن ۾ تڪرار ٿيندو. هن چيو ته مشرف جي خلاف فيصلي بابت ڳالهه ڪئي آهي، معاملي جي حل لاءِ عدالتي فورم ۽ قانون موجود آهي، پيرا نمبر 66 فيصلي جي آپريشنل پيرا ناهي، ان پيرا ۾ جج جي راءِ آهي، جيڪا آپريشنل ناهي. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته حڪومت هميشه ڪنفيوز نظر ايندي آهي. پرويز مشرف ۽ حڪومت وٽ اپيل جو رستو موجود آهي جنهن کي اختيار ڪري سگهجي ٿو. تازو بلاول جو ردعمل به وقت جي جبري ڌرين لاءِ للڪار بڻيل آهي ته “مان نيب جي سوالن جو تفصيلي جواب ڏنو آهي، نه اڳ ۾ دٻاءَ ۾ آياسين. حڪومت آمراڻي طريقي سان هلائي پئي وڃي، هيءَ حڪومت نٿي چاهي ته پارليامينٽ هلي، اپوزيشن تي مسلسل دٻاءُ وڌايو پيو وڃي. اسان کان سياست ڪرڻ جو حق کسيو پيو وڃي. هڪ ڏوهه به ثابت ناهي ٿيندو ۽ وڌيڪ ڪيس ٺاهيا ويندا آهن. اسان کي بنيادي انساني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. سياسي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. اهي ماڻهو تعميري تنقيد کي به برداشت نٿا ڪري سگهن. گرفتار ٿيس ته وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندس، همت آهي ته گرفتار ڪريو.” اها سياسي مزاحمت ڪنهن تڪرار ڏانهن وڌي پئي، سوال اهو آهي ته سياسي ڇڪتاڻ مان ڪير لاڀ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو؟

پهنجو تبصرو موڪليو