ليکڪ عبدالمجيد بروھي
آخرڪار اڄ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي عداعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ملي وئي جنھن بعد اپوزيشن ليڊر شھباز شريف پاران پيش ڪيل رٿ جي منظوري لاء ووٽنگ ڪرائي وئي جنھن بعد ڊپٽي اسپيڪر جي حڪم تي اپوزيشن جي ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي جنھن ۾ 162 ميمبرن پاران رٿ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس 31 مارچ تائين ملتوي ڪيو ويو ايڪٽييھ مارچ تي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي جنھن جي ڪاميابي لاء اپوزيشن ننھن چوٽي جو زور لڳائي رھي آھي انھن وٽ اڳواٽ پي ٽي آء جا ايڪٽيھ ميمبر موجود آھن پر ان باجود جيڪڏنھن سپريم ڪورٽ جي ممڪنا فيصلي ۾ باغي ميمبرن کي ووٽ ڪرڻ کان روڪيو ويو تـ ان سلسلي ۾ پڻ اپوزيشن پاران تياريون ڪيون پيون وڃن اپوزيشن پاران پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ بعد حڪومت پڻ ٿرٿلي ۾ اچي وئي آھي حڪومتي وزيرن پاران اسلام آباد م پرويز الاھي سان ملاقات ڪري وزيراعظم جو پيغام ڏنو ويو جنھن بعد وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي گھرائي کيس قرباني جو ٻڪرو بڻجڻ لاء چيو جنھن بعد پرويز الاھي کي پڻ بني گالا گھرايو ويو جنھن بابت ذريعا اھو ٻڌائين ٿا تـ سائين بوزدار پاران پرويز الاھي آڏو وزيراعظم کي پنھنجي استعيفا ڏئي ڇڏي آھي جنھن بعد پرويز الاھي ملاقات ختم ڪري واپس موٽي ويو آھي ۔ ق ليگ پاران ممڪنا حڪومتي حمايت جي اعلان بعد ق ليگ ۾ پڻ بغاوت ٿي آھي سندن جو اھم ايم اين اي ۽ وفاقي وزير بشيرچيما پاران وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۽ وزارت تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي جنھن اھو اعلان پڻ ڪيو آھي تـ ھو بي اعتمادي واري رٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيندو واضع رھي تـ ڪالھ جمھوري وطن پارٽي جي سربراھ ايم اين اي شاھزين بگٽي پاران وزارت تان استعيفا ڏئي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھيو جيڪو اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پھچي اپوزيشن سان گڏ ويٺو جڏنھن اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ڪوشش ۽ محنت رنگ لاٿو ۽ اڄ تمام اپوزيشن پارٽين جي سربراھن سان گڏجي بلوچستان عوامي پارٽي جي پارلياماني پارٽي جي سربراھ مير خالد خان مگسي ۽ ٻين ايم اين ايز پاران پرھجوم پريس ڪانفرنس ڪري اپوزيشن سان گڏجڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏنھن تـ بلوچستان مان آزاد حيثيت ۾ کٽيندڙ ايم اين اي سردار محمد اسلم ڀوتاڻي پاران پڻ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي سنڌ مان آزاد ايم اين اي پاران پڻ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ پ شموليت جو فيصلو ڪيو ويو آھي ان ان سڄي صورتحال کي ڏسي اھو چوڻ غلط نـ ٿيندو تـ اپوزيشن وارا وڏي بھترين نموني سان بالنگ ڪري حڪومت جا وڪيٽ ڪيرائي رھي آھي جڏنھن تـ حڪومت دفاعي پوديشن ۾ اچي پنھنجون رھيل وڪيٽون بچائڻ جو ڪوشش ۾ آھي ۔ ق ليگ جو سربراھ چوڌري شجاعت پڻ پرويز الاھي جي حڪومت جي اعلان تي ناراض آھي ق ليگ جي پنجن ايم اين ايز مان ٽن ايم اين ايز پاران پنھنجي سربراھ کي صاف صاف چيو ويو آھي تـ جيڪڏنھن حڪومت جو ساٿ ڏنو ويو تـ پوء ھوء پارٽي جو ساٿ نـ ڏيڻ بجاء اپوزيشن جو ساٿ ڏيندا ق ليگ جي اڳواڻ چوڌري پريز الاھي کي پڻ سوچڻ گھرجي تـ ھن کي پي ٽي آء وارا وڏو وزير چونڊرائي نـ سگھندا ڇو تـ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن ۾ فرق صرف ٻارنھن ووٽن جو آھي پرويز الاھي کي بـ ڄاڻ آھي تـ ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ کي جيڪڏنھن اپوزيشن وارن انجي مقابلي ۾ وڏ وزارت جي لاء نامزد ڪري ميدان تي لاٿو تـ پوء پي ٽي آء اڌ کان وڌيڪ ايم پي اي کيس ووٽ ڏيڻ بجاء عليم خان ۽ جھانگير ترين گروپ کي ووٽ ڪندا ھاڻي اپوزيشن وٽ رستو صاف ٿيل آھي پرويز الاھي جي مقابلي ۾ عليم خان ۽ جھانگير ترين گروپ ميدان تي لاٿو ويندو جنھن بعد کيس وڏ وزارت جي ڪرسي تـ نـ ملندي پر سندس جي ھٿن مان اسپيڪر جي ڪرسي بـ ھلي ويندي ھن وقت ھر منٽ ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال ۾ تبديلي اچي رھي آھي اڳتي ڏسڻو اھو آھي تـ ميدان ڪير ٿو ماري فلحال اپوزيشن اتحاد جو پلڙو ڀاري آھي. Brohimajeed123@gmail.com










