ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
عدالت صوبائي حڪومتن کي به صدارتي ريفرنس تي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته صوبائي جيڪو ڪجهه ماضي ۾ اسان ڏسندا رهياسين اهو ئي هاڻ به ٿي رهيو اهي ڪوئي به ڪنهن کي تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهي ، جڏهن ته پاڪستان جي آئين مطابق جيڪو به اليڪٽ يا سليڪٽ ٿي اچي ان ڪابينه وزيراعظم کي پنج سال حڪومت ڪرڻ جو موقٿعو ملڻ گهرجي ، مان سمجهان ٿو ته وڏي صورت هال دلچسپ ان ڪري پئي لڳي ته سدائين جيان پاڪستان کي دلدل سميت قانوني آئيني مونجهارن مان ٻاهر ڪڍڻ لاء سدائين سول حلومت سميت ٻيا فورم به سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان رجوع لندا آهن جيڪي انهن جو آئيني حق آهي پر تعجب ان وقت ٿيندو آهجي جڏهن پاني سر کان مٿي ٿي وڃي ان وقت قليل وقت اندر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت بين ادارن سان به دانفن کني پهچن ٿا جنهن لاء مان اها گذارش ڪندس ته عوام جنهن سدائين بزرگ بيمار ووٽرس کي ڪلهن تي کني ووٽ ڏين ٿا پر ڪڙو سچ اهو به اهي ته انهن جي داد رسي نه ٿي ٿئي ، ملڪ اندر جهڙي طرح تاريخي مهنگائي ٿي آهي اها به ڪنهن کان لڪيل ناهي ، پر جهڙي ريت امن امان جي صورت هال هجي يا صحت تعليم جا مسئلا هجن اتي جو اتي ئي پيا آهن اڳواڻن کي عوام سان پيار گهٽ اقردار سان پيار وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي ، جڏهن ته آئين جي شڪ نمبر 63 اي جي تشريح بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سان رجوع ڪيو ويو آهي جيئن تشريح ٿئي ته پوء ڪو فيصلو ڪري سگهجي ، اهڙي صورت حال ۾ جڏهن ته عدام اعتماد جي رٿ پڻ قومي اسيمبلي ۾ داخل ڪئي وئي آهي جلد کان جلد عدم اعتماد جي رٿ بعد ووٽ ورتا ويندا جيئن ايوان اندر جنهن جي به اڪثريت آهي ان کي موقعو ملي سگهي ، ۽ هو پنهنجو قيمتي ووٽ استعمال ڪري سگهجن ، حڪومتون به تحريري جواب جمع ڪرائين، ان سان ٻڌڻي ۾ سولائي ٿيندي. جي يو آءِ جي وڪيل چيو ته اسان جو جلسو ۽ ڌرڻو پرامن هوندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان کان حڪومت وارا ڊڄن ٿا، ان آبزرويشن تي عدالت ۾ ٽهڪ پئجي ويا. اٽارني جنرل چيو جي يو آءِ پرامن رهي ته مسئلو ئي حل ٿي ويندو، جسٽس مظهر عالم ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ طرفان ڏنڊا بردار ٽائيگر فورس ٺاهڻ افسوسناڪ آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جي يو آءِ پنهنجا ڏنڊا تيل مان ڪڍي. آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽ ته هر صورت ۾ ٿيندو، ووٽ وجهي نه ڳڻڻ توهين جوڳو آهي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ووٽ جي ڳڻپ کانپوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن توهان علي الاعلان پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندئو ته مطلب جماعت ته ڇڏي ڏني، پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ وٽ ويندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا اصل معاملو ته نااهلي جي مدي جو آهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته ووٽ بنا آئين جو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن اسيمبلي ميمبر تي لڳي ئي نٿو سگهي، ڏسڻو اهو آهي ته ووٽ وجهڻ کانپوءِ ميمبر سان ڇا ٿيندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 63 اي ۾ هڪ طريقي ڪار موجود آهي، آرٽيڪل 63 اي جي روح کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، عدالت جو ڪم خالي جاءِ ڀرڻ ناهي، اهڙا معاملا ريفرنس بدران پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن. عدالتي فيصلي ۾ ڏنل آبزرويشن اهميت جوڳي آهي. اهڙا معاملا ريفرنس جي بجاءِ پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجن. اٽارني جنرل پنهنجي موقف ۾ چيو ته عوام جو مينڊيٽ ايوان ۾ گڏيل حيثيت ۾ سامهون ايندو آهي ۽ سياسي پارٽيون عوام جي لاءِ ايوان ۾ قانونسازي ڪنديون آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ووٽ جو حق نه اسيمبلي ميمبرن کي آهي نه ئي پارٽي ميمبرن کي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته 4 جڳهين تي اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارٽي ڊسيپلين جي پابندي لازمي آهي. پارٽي ڊسيپلين جي پابندي لازمي بنائڻ جي لاءِ آرٽيڪل 163 آندو ويو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته پارٽي ڊسيپلين جي پابندي ڪهڙي حد تائين آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پارٽي ۾ ڳالهه نه ٻڌي وڃي ته استعيفيٰ ڏئي سگهجي ٿي ۽ استعيفيٰ ڏيڻ کان پوءِ اسيمبلي ميمبر ٻيهر عوام ۾ وڃي سگهي ٿو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ٽڪيٽ وٺڻ وقت اميدوارن کي خبر هوندي آهي ته هو ڪڏهن آزادي سان ووٽ نٿو ڏئي سگهي. چيف جسٽس چيو ته ٻئي ٻيڙي ۾ ٽپو ڏيڻ واري کي سيٽ تان ئي هٿ کڻڻو پوندو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن پارٽي ميمبر کي پارٽي خلاف فيصلي جي اظهار جو حق آهي؟ جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ڇا ٻئي ٻيڙي ۾ ٽپو ڏئي حڪومت ڪيرائي سگهجي ٿي؟ گهڻيون جمهوري حڪومتون ڪجهه ووٽن جي برتري سان قائم ٿينديون آهن. ڇا ٻئي ٻيڙي ڏانهن وڃڻ دوران پهريون جهاز ٻوڙي سگهجي ٿو؟ اٽارني جنرل چيو ته معاملو صرف 63 اي جي تلوار جو نه پر سموري سسٽم جي ناڪام ٿيڻ جو آهي. هارس ٽريڊنگ روڪڻ جي سوال ڏانهن نه ويندس. هي معاملو پارليامينٽ ۾ ئي ڇڏڻ گهرجي.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ووٽ جي ڳڻپ کان پوءِ ڏٺو ويندو ته ان سان ڇا ٿيڻ گهرجي. اوهان اڳ ئي اعلان ڪندي پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيندو ته مطلب اوهان پارٽي ڇڏي ڏني آهي جنهن کان پوءِ اهو معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ ۽ سپريم ڪورٽ ڏانهن ويندو. چيف جسٽس چيو ته هتي ته اصل معاملو نااهلي جي مدي جو آهي. 63 اي ۾ هڪ طريقيڪار موجود آهي. آرٽيڪل 63 اي کي رد نٿو ڪري سگهجي. عدالت جو ڪم خالي جڳهه ڀرڻ ناهي، اهڙن معاملن کي ريفرنس جي بجاءِ پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ چيف جسٽس ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي ، جڏهن ته 25 مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو جنهن ۾ جمع جي ڏينهن هئڻ سبب ۽ هڪ معزز قومي اسيمبلي ميمبر جي فوت ٿيڻ بعد مغفرت لاء دعا گهري اجلاس ڪجهه ڏينهن لاء ملتوي ڪيو ويو جنهن کان بعد اپوزيشن پن ڪپتان خلاف ميڊيا تي اچي ڳالهائيندي چيو ته ڪپتان ڪيتري به ڪوشس ڪري ان کي ڀڄڻ هر گز نه ڏينداسين ، هنن چيو ته چونڊيل نمائيندن جو ڪپتان تان ويسا اعتماد ختم ٿي ويو آهي جنهن ڪري هن وقت ڪپتان پاڻ ئي استعفا ڏيئي ته ان لاء بهتر ٿيندو ، جڏهن ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي هڪ اميد آهي اها صرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، جنهن جا قابل احترام جج صاحبان ، جڏهن ته پاڪستان مٿان ڪو به مشڪل وقت آيو پوء سامراجي هجي يا ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ صورت هال هجي ، ان کي مدي نظر رکندي سدائين قابل احترام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج صاحبان اهم فيصلا ڪيا آهن جنهن سان پيدا ٿيل آئيني مونجهارا بلڪل ختم ٿي ويا آهن هان به اها ئي اميد رکون پيا ، جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ م اهرا فيصلا ياد رکيا وڃن ٿا ، ان ڪري مان عرض ڪندس ته لازمي عدم اعتماد جو ووٽ ڪاسٽ ٿيندو جيڪڏهن ڪپتان وٽ اڪثريت آهي ته وزيراعظم ساڳيو رهي سگهي ٿو جيڪڏهن اڪثريت نه آهي ته پوء ڪپتان عدم اعتماد کان اڳ ڪجهه نه ڪجهه تهن ڪندو ، هو به خاموش ويهڻ وارو آهي ، ان ڪري آئين يج شڪ نمبر 63 اي جي تشيح لاء اڃان به قانوني ائيني مدد حاصل ڪئي ويندي ، ۽ عدم اعتماد جو ووٽ ڪاسٽ ٿيندو ، باقي ان جي صورت هال ته ڇا هو اهل رهندو يا نا اهل رهندو يا جيڪي به قانوني مسئلا آهن ان تي به ڪافي آئيني دڳ ڳولهيا ويندا جيئن ملڪ اندر پيدا ٿيل خطرناڪ صورت هال تي ضابطو اچي سگهي ، برحال پاڪستاني قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس صاحب سميت بين قابل احترام جج صاحبان تي آهن ڏسئون ته هي آئيني مونجهارو ڪيئن ٿو حل ٿئي ، ان لاء توهان اسان کي انتطار ڪرڻو پوندو ، جڏهن ته سياستدانن سميت ڪپتان انهن يج ساٿين کي صلاح ڏيندس ته آئيني فورم توهان ووٽ موجود آهي جيڪو به فيصلو ٿيندو ان تي مڪمل عمل ٿيندو جيڪڏهن ملڪ اندر رٿيل جلسن بعد ، عوامي طاقت جو هڪ ٻئي سان ڪو به ڪليش ٿيو ته پوء هن ملڪ اندر ٽئين قوت فوري قابض ٿي سگهي ٿي . ۽ منهنجي نظر سوچ ويچار مطابق صدارتي نظام مڊل ڪالس سميت غريب ماڻهن لاء بهتر ٿابت ٿيندو ، جڏهن ته ملڪ کي لٽيندڙن چورن ڦورن مني لانڊرنگ سان گڏ ڪرپشن ڪندڙن جو ڪڙو سخت احتساب پڻ ٿيندو.
zawarsaeen110@admin










