سياست ڪندڙن جي سوچ تي ماتم ڪري سگهجي ٿو: پرويز الاهي

سياست ڪندڙن جي سوچ تي ماتم ڪري سگهجي ٿو: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ٻوڏ تي سياست چمڪائيندڙن جي عقل تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. پنهنجي بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جون جماعتون ٻوڏ تي سياست ڪري رهيون آهن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جا اڳواڻ بي حس آهن، اهي رڳو ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن سدائين ذاتي مفادن جي سياست ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو