اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته سوڊان 427 پاڪستاني شهرين کي سوڊان جي پورٽ تي پهچايو ويو آهي جتان کين محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بيان موجب 16 اپريل کان سوڊان ۾ جهڙپون شروع ٿيون آهن جن ۾ هن وقت تائين 420 ماڻهو ماريا ويا آهن. ان کان اڳ پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفارتخاني جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو هو ته آچر تي سوڊان مان پاڪستانين سميت 91 ماڻهن کي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو. سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب اهو آپريشن رائل سعودي نيوي فورسز طرفان سعودي قيادت جي هدايتن تي هٿياربند فوج جي مختلف شاخن جي سهڪار سان ڪيو. “اسان سعودي شهرين جي محفوظ آمد جو اعلان ڪري رهيا آهيون جن کي سوڊان جي جمهوريه مان ڪڍيو ويو آهي ۽ گڏوگڏ برادر ۽ دوست ملڪن جي ڪيترن ئي شهرين، سفارتڪار ن ۽ بين الاقوامي آفيسرن کي به ڪڍيو آهي”. ڪويت، قطر، گڏيل عرب امارات، مصر، تيونس، پاڪستان، ڀارت، بلغاريا، بنگلاديش، فلپائن، ڪئناڊا ۽ برڪينا فاسو سميت برادر ۽ دوست ملڪن مان 66 ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي. سعودي عرب جي حڪومت مختلف ملڪن جي شهرين کي پنهنجي پنهنجي وطن موڪلڻ جو انتظام ڪري رهي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سعودي هم منصب کي فون ڪري عيد مبارڪ ڏني هئي ۽ ڦاثل پاڪستانين کي سوڊان مان ڪڍڻ تي ٿورا پڻ مڃيا هئا. سوڊان ۾ ٻن هفتن کان فوج ۽ پيرا ملٽري فورسز ۾ اقتدار جي جنگ جاري آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويا آهن.










