سوڊان ۾ سامراجي مفاد ۽ انساني رت سان ريٽي ٿيندڙ ڌرتي

 سوڊان ۾ سامراجي مفاد ۽ انساني رت سان ريٽي ٿيندڙ ڌرتي

طفيل مگسي
نام نهاد عالمي طاقتون جتي به پنهنجا مفاد ڏسن ٿيون ته اتي انسانن جي رت جون نديون وهائڻ کان به پاسو نٿيون ڪن۔وچ اوير کان وٺي افريقا تائين ۽ لاطيني امريڪا کان وٺي يوڪرين تائين ڪروڙين انسان جو ائين رت وهايو آهي۔ڄڻ ته انهن جي رت جي ڪابه حيثيت ناهي۔اڃا وچ اوپر۔لبنان۔شام ۔يمن۔غزه ۾ انسابيت جي رت جا داغ مٽيا ئي ناهن ته وري سامراجي قوتن سوڊان ۾ انهي رت جي راند کيڌڻ شروع ڪئي آهي۔افريقا جو ملڪ سوڊان جيڪو ڪڏهن افريقا جو اناج گهر سڏبو هو۔جيڪو اڄ ڪلھ هڪٻيئي جي خلاف ويڙھ ۾ مصروف ٿي ويو آهي۔ سوڊان جنهن جون زمينون نيل ندي جي پاڻي سان سرسبز و شاداپ ٿينديون هيون۔جي دنيا جو سڀ کان وڏو زرعي منصوبو ٻيٽ پروجيڪٽ قام هو نه صرف اهو بلڪ ساڳيوئي سوڊان سون جي کاڻين جي حساب سان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ ڍورن ڍڳن جي حساب سان پڻ دنيا ۾ پنجين نمبر تي شمار ٿيئي ٿو۔پر افسوس ته هن وقت اهوئي ملڪ اڪثر گهرو ويڙهن جي سبب بک۔ڏڪار ۽ تباهي واري  نقشي وارو ڏيک ڏيئي ٿو۔ گڏيل قون جي مطابق هڪ ڪروڙ کان وڌيج سوڊاني هن وصت شديد خوراڪ جي کوٽ ۽ ڏڪار سان منهن ڏئي رهيا آهن۔هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ايترن قدرتي وسيلن جي باوجود هن وقت اهو رت سان چو رنڱجي رهيو آهي؟سوڊان جي هن وقت واري گهرو ويڙھ۔جيڪا 2023ء ۾ شروع ٿي هئي۔جڏهن ملڪ جون ٻه طاقتور فوجي قوتون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون۔هڪ سوڊان جي ملڪي فوج۽ ٻي ري پڊ سپورٽ فورسز جنهن کي جنجواد به سڏيو ويندو آهي۔اصل ۾ اقتدار۔فوجي بالادستي ۽ ملڪ جي سياسي و اقتصادي وسيلن تي قبضي جي جنگ آهي۔جنهن پسمنظر ڪجھ هيئن آهي ته سن 2019ء ۾ جڏهن عوامي احتجاج جي نتيجي ۾ صدر عمرالبشر جي ٽن ڏهائين تي مشتمل حڪومت جو خاتمو ٿيو۔ته ملڪ ۾ هڪ وقتي فوجي و شهري حڪومت قائم ٿي۔ليڪن ستت ئي طاقت جي چڪتاڻ شروع ٿي ۔آرمي چيف عبدالفتح البرهان ۽ ري پڊ سپورٽ فورسز جي اڳواڻ محمد حمدان دقلو(حميدتي)جي وچ ۾ اقتدار جي ورهاست۔فوج انضمام ۽ ايندڙ حڪومت جي منهن مهانڊي تي اختلافن ملڪ ک گهرو ويڙھ ڏانهن ڌڪي چڏيو۔شروعاتي ڏهاڙن ۾ اها ويڙھ صرف خرطوم ۽ ان بي آس پاس وارن علائقن تائين محدود هئي۔ليڪن ستت ئي اها باھ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي۔ خاص طور تي مخٻي پرڳڻي دارفڳر ۾ اها ويڙھ سلي صورت اختيار ڪري وئي۔جنهن جي نتيجي ۾ دارفور شهر الفاشر جيڪو ڪڏهن امن جو مرڪز سمجهيو ويندو هو۔هن وقت کنڊر بڻجي چڪو آهي۔اهو به چٽو رهي ته آر ايس ايف مليشيا پهرين جو حصو ناهي بلڪ قبائلي جنگجوئن جو ٽولي هئي۔2019ء ۾ جڏهن عمرالبشير جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ته هن پنهنجي حڪومت بچائڻ جي لاء ان جي حمايت حاصل ڪئي ۽ ان کي هڪ اڌ فوجي حيثيت ڏئي چڏي۔ان جي اڳواڻ حميدتي کي جنرل بڻائي چڏيو۔هن جي مليشيا کي ري پڊ سوورٽ فورس جو نانء ڏنو ويو۔اپريل 2019ء ۾ عمر البشير کي جيل موڪلي ڪري جنرل عبدالفتاح البرهان ۽ ان جي ساٿي فوجي آفيسرن اقتدار سنڀالي ورتو۔هنن هڪ وقتي فوجي ڪونسل Tranitioal Military council قائم ڪئي۔عوام ان کي وقتي طور تي قبول ڪيو۔ مگر ستت ئي مطالبو ڪيو ته اقتدار سويلين حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي۔سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ٿيا ” قوي احريت و التغير“(Force of freedom and change. FFC جي نالي سان هڪ اتحاد اڀريو۔جنهن سويلين حڪومت جي قيام جو مطالبو ڪيڳ۔فوج پهرين مزاحمت ڪئي۔مگر وري بين الاقوامي پريشر ۽ اندروني احتجاج جي ڪري آڱسٽ2019ء ۾ هڪ ڀائيوار حڪومت تي اتفاق ڪيو۔جيڪا حڪومت فوج ۽ سويلين اڳواڻن تي مشتمل هئي۔ عبدالله حمدوڪ وزيراعظم بڻيو۔جڏهن ته جنرل البرهان فوجي سربراھ رهيو۔ان دور ۾ سوڊان عالمي سطح تي ٻيهر پنهنجا تعلقات بحال ڪيا۔خاص طور تي امريڪا سان ۽ “دهشتگردي “ جي لسٽ“ کان نالو ڪڍرايو۔وري آڪٽومبر 2021ء ۾ جنرل البرهان اوچتو بغاوت ڪري سويلين حڪومت ختم ڪري چڏي۔فوج سڄي ملڪ تي ڪنٽرو سنڀالي ورتو ۽ اتان کان نئين گهرو ويڙھ جو بنياد پئجي ويو۔وقتي دور ۾ ري پڊ سپورٽ فورسز به هڪ نئين فوجي طاقت بڻجي اڀري هئي۔اها فورس اڳ ۾ دارفور جي جنگين ۾ سرگرم رهي۔مگر بعد ۾ اڌ سرڪاري حيثيت ڏني وئي۔وقت سان گڏوگڏ مستقل فوج ۽ ان مليشيا جي وچ ۾ اقتدار جي چڪتاڻ وڌندي وئي۔خاص طور تي فوج ۾( integration)جي معامري تي۔وري اپريل2023ء ۾ اختلاف کليل جنگ ۾ بدلجي ويو۔گادي جو هنڌ خرطوم تباه ٿي ويو۔الفاشر شهر ۾ بدترين نسل ڪشي جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ فرد بي گهر ٿي ويا۔جيتوڻيڪ 2019ء ۾ عمرالبشير حڪومت جو خاتمو”آزادي“ جي هڪ اميد هئي۔مگر اڄ اها اميدڌ”انارڪي“ ۾ بدلجي وئي آهي۔ذريعن موجب  ري پڊ سپورٽ فورسز عام شهرين جي قتل عام ۔ڦرلٽ ۽ ٻهراڙيون ساڙڻڻ جهڙا ڏوھ ڪيا آهن۔هن وقت فاشر شهر ۾ قتل عام جاري آهي۔هن شهر تي سوڊاني آرمي قابض هئي۔ٻاهر کان ري پڊ شهر جو گهيرو ڪري رکيو هو۔جيڪو گهيرو 600ڏينهن کان جاري آهي۔جنهن جي نتيجي ۾ مقامي ماڻهو حرام شين کائڻ تي مجبور ٿيا۔ليڪن ويجهر ۾ سخت ويڙھ کانپوء فوج کي مجبورن شهر چڏڻو پيو۔جنهن کانپوء ري پڊ مليشيا شهر ۾ داخل ٿي قتل عام شروع جري چڏيو۔اسپتالن ۾ لاشن جا ڍير ۽ بک کان تڙپندڙ ٻارڙن جون اڪيچار سامهون اچي رهيون آهن۔غير ملڪي مداخلت ۽ بغاوت؟سوڊان جي هن گهرو ويڙھى۾ ٻاهرين قوتن جا ڳوڙها مفاد آهن۔هي ملڪ جغرافيائي طور تي احمر سمنڊ (ڳاڙهي سمنڊ)جي ڀرسان آهي۔اهوئي ئي رستو جيڪو وچ اوڀر۔افريقا ۽ يورپ جي واپاري رڳ آهي۔انهيء بيهڪ سوڊان کي عالمي طاقتن جي راند جو مرڪز بڻائي چڏيو آهي۔متحده عرب امارات کليل ۽ ڳجهي طور تي ري پڊ فورسز جي مدد ڪري رهيو آهي۔هن جي هٿيارن جو ڳچ حصو فوج پڪڙي ورتو آهي۔بلڪ انهن ٺوس شاهدين جي بنياد تي سوڊاني حڪومتعالمي عدالت ۾ به يو اي اي جي خلاف ڪيس داخل ڪري چڪو آهي۔يو اي اي جي دلچسپي سوڊان ۾ سون جي کاڻين۔زرعي زمينن ۽ بحري بندرگاهن ۾ آهي۔اماراتي ڪمپنيون دارفور ۽ اترين علائقن کان سون غيرقانوني طريقي کان حاصل ڪن ٿيون۔جنهن ج بدلي ۾ ري پڊ کي هٿيار ۽ مالي مدد ملندي رهي۔ٻيئي پاسيڌمصر سوڊاني فوج جي پٺيء تي بيٺو آهي۔چوته هن کي خوف آهي ته جيڪڏهن اڌ فوجي گروپ ڪامياب ٿي ويا ته هن جي لاء نيل دريا جي پاڻي جي ورهاست تي خطرو وڌي ويندو۔جڏهن ته سعودي عرب ظاهر ۾ ٺاھ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي۔مگر پردي پٺيان اهو به اهڙي سياسي انتظام جي خواهش رکي ٿو جيڪو هن جو پوئلڳ هجي۔  سوڊان ۾ روسي مداخلت به ڪنهن کان ڍڪيل اهي۔روس جو مقصد چٽو آهي ته هو ريڊ سي جي ڪناري تي هڪ مستقل فوجي اڏو قائم ڪرڻ چاهي ٿو۔روسجي نجي قاتل ڪمپني”وينگر گروپ“اڳ ئي سوڊان جي سون جي واپار ۾ سرگرم رهي آهي۔جتي گهرو ويڙھ يا چڪتاڻ هجي اتي امريڪا ۽ اسرائيل ڪيئن پوئتي رهي سگهن ٿا۔اهي به ان راند جا تماشائي نه بلڪ رانديگر آهن۔امريڪا جو مفاد اهو آهي ته ىسوڊان ڪنهن صورت ۾ روس يا چين جي ويجهو نه وڃي۔جڏهن ته اسرائيل جنهن سان گڏ عمرالبشير کانپوء تعلقات بحال ٿيا۔سوڊان کي اوڀر افريقا ۾ پنهنجو نئون اتحادي بنائڻ چاهي ٿو ته جيئن ريڊ سي ۾ ايرابي اثر و رسوخ محدود ڪري سگهجي۔اسرائيل انٽيلي جنس ماضي ۾ ري پڊ جي اڳواڻن سان سڌاسنوان رابطا ڪيا ۽ اطلاعن جي مطابق تل ابيب قاهره جي رستي ٻنهيء ڌرين تي اثر وجهڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون۔ملڪ جي ورهاست؟سوڊان جي هن وقت واري گهرو ويڙھ ۾ ملڪ جي ورهات جو خطرو به وڌي رهيو هي ۽ ڪيترائي ماهر ان کي هڪ ممڪن انجام بي طور تي ڏسي رهيا آهن۔جيتوڻيڪ سڌوسنئون ڪا ڌر ورهاست جو اعلان ناهي ڪري رهي۔۔هن وقت اتر ۽ اوڀر سوڊان(جنهن ۾ پورٽ سوڊان شامل آهي) فوج جي قبضي ۾ آهي۔مغربي علائقي خاص طور تي دارفور ۽ الفاشر تي آر ايس ايف جو قبضو ٿي چڪو آهي۔جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته سوڊان ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو۔اتر فوج جي اثر هيٺ هوندو ۽ مغربي حميدتي مليشيا جي قبضي ۾ ۽ اوڀر بندرگاهي علائقو ڪنهن بين الاقوامي نگراني ۾ هليو ويندو۔سوڊان اج صرف اقتدار جي جنگ ناهي وڙهي رهيو بلڪ بلڪ وجود ۽ بقا جي جنگ به وڙهي رهيو آهي۔اهو ملڪ اڳ ۾ به ڏکڻ سوڊان ۽ اتر سوڊان ۾ ورهائجي چڪو آهي۔نتيجو؟عوامي تباهي!اقوام متحده جي طابق هينئر تائين ٻارهن هزارن وڌيڪ فرد مارجي چڪا آهن ۽ چوڏهن لکن کان وڌيڪ بي گهر ٿي چڪا آهن۔ملڪ جون اسپتالون تباه۔خوراڪ جي رسد بند ۽ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي چڪو آهي۔الفاشر۔نيالا ۽ الجنينا جهڙا شهر انساني الميي جا منظر پيش ڪري رهيا آهن۔سون۔تيل۔زمين ۽ اقتدار جي لاء وڙهڻ وارن سردارن جي وچ پيسجندڙ عوام هينئر ڏڪار ۽ بيماري کان مري رهيا آهن۔هڪ وقت هو جڏهن سوڊان کي ”افريقا جو مستقبل“چيو ويندو هو۔زرخيز زمين۔معدني وسيلا۔ڪشادا ڍور ڍڳن جا فارم ۽ نيل جون برڪتون۔اهي سڀ اڄ جنگ جي باه ۾ سڙي چڪا آهن۔جتي ڪڏهن سبز پوکون جهومنديون هيون۔اتي هينئر بارود جي بدبوء آهي۔
جتي ڪڏهن کجيء جي وڻن جي هيٺان ٻارڙا کيڏندا هئا۔اتي هينئر مائرن جون رڙيون پڙاڏو ڪن ٿيون۔سبب اهو آهي ته مفادن جي ان جنگ جو اصل ٻارڻ غريب عوام جو رت آهي ۔الله تعالي جو فرمان آهي:ترجمو:”جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته زمين ۾ فساد نه پکيڙيو ته اهي چون ٿا ته اسان ته سڌارو ڪرڻ وارا آهيون“۔(البقره:11).اها آيت اڄ جي سوڊان جي سچي تصوير آهي۔جتي هر هڪ ڌر جي اها دعوي آهي ته هوء امن جي لاء وڙهي رهي آهي۔مگر زمين تي صرف رت جا داغ چڏي وڃي ٿو۔

پهنجو تبصرو موڪليو