اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)رائٽرز جي رپورٽ موجب پاڪستان، سوڊان سان هٿيارن ۽ جنگي جهازن جي فراهمي لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جو معاهدو عارضي طور روڪي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سعودي عرب هن معاهدي کي ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو هن خريداري لاءِ مالي مدد نه ڪندو.
رپورٽ ۾ٻن پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن ۽ هڪ سفارتي ذريعي موجب، سوڊان جي فوج ۽ پيرا ملٽري فورس، ريپڊسپورٽ فورس وچ ۾ تڪرار لڳ ڀڳ ٽن سالن کان دنيا جي بدترين انساني بحران کي جنم ڏنو آهي، جيڪو هاڻي پرڏيهي مفادن جي ٽڪراءَ جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري هن سون پيدا ڪندڙ ملڪ جي ورهاست جو خطرو وڌائي رهيو آهي۔
رائٽرز جنوري ۾ پهريون ڀيرو رپورٽ ڪيو هو ته اهو معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ان کي سعودي عرب وچ ۾ طئي ڪرايو ويو هو، پر ان وقت رياض طرفان مالي مدد ظاهر نه ڪئي وئي هئي۔ اهو معاهدو پاڪستاني فوج پاران ڪيترن ئي دفاعي سودن مان هڪ هو، جيڪي گذريل سال مئي ۾انڊيا سان جهڙپن کان پوءِ جهازن ۽ هٿيارن جي شهرت وڌڻ کان پوءِ ڳالهين هيٺ هئا۔
سعودي عرب پاڪستان جو ويجهو اتحادي رهيو آهي ۽ اسلام آباد جي ڪمزور معيشت لاءِ اهم قرضن ۽ مالي مدد جو ذريعو پڻ رهيو آهي۔ گذريل سال گڏيل دفاعي معاهدي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، جنهن تحت ڪنهن هڪ تي حملي کي ٻنهي تي حملو سمجهيو ويندو آهي۔
هڪ سيڪيورٽي ذريعي چيو: سعودي عرب اشارو ڏنو آهي ته پاڪستان کي اهو معاهدو ختم ڪرڻ گهرجي، ڇوتہ هن ان جي مالي مدد ڪرڻ جو خيال ڇڏِي ڏنو آهي.”
سعودي حڪومت جي ميڊيا آفيس هن بابت تبصري جي درخواست جو فوري جواب نه ڏنو، جڏهنتہ سوڊان جي هٿياربند فوج به ڪو ردعمل ظاهر نه ڪيو۔
پاڪستاني فوج به رائٽرز جي تبصري جي درخواست جو جواب نه ڏنو۔ فوج ۽ فضائيه اڳ ۾ به هن معاهدي جي تصديق نه ڪئي هئي۔
هڪ ذريعي وڌيڪ چيو ته ڪجهه مغربي ملڪن رياض کي صلاح ڏني آهي ته هو آفريڪا ۾ پراڪسي جنگين کان پري رهي۔
سعودي عرب ۽ يو اي اي علائقي جي مختلف تڪراري ملڪن ۾ هڪٻئي جي مخالف ڌرين جي حمايت ڪندا رهيا آهن، جن ۾ سوڊان به شامل آهي۔
جڏهنتہ ٻنهي ڌرين جو چوڻ آهي ته هو سفارتي حل جي حمايت ڪن ٿا، سعودي عرب سوڊان جي فوج جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، جڏهنتہ يو اي اي تي الزام آهي ته هو ريپڊ رسپانس کي لاجسٽڪ مدد ڏئي ٿو، جنهن جي هو سرڪاري طور ترديد ڪري ٿو۔
ذريعي موجب، مارچ ۾ رياض ۾ سوڊاني فوجي اڳواڻن ۽ سعودي اختيارين جي وچ ۾ ملاقات کان پوءِ هن معاهدي لاءِ سعودي مالي مدد ختم ڪئي وئي۔
ٻئي سيڪيورٽي ذريعي چيو ته ڊسمبر ۾ رپورٽ ٿيل لبين نيشنل آرمي سان 4 ارب ڊالرن جو ٻيو معاهدو به خطري ۾ آهي، ڇاڪاڻتہ سعودي عرب ٻنهي ملڪن بابت پنهنجي حڪمت عملي تي ٻيهر غور ڪري رهيو آهي۔










