طفيل مگسي
وليم جيمز هڪ۔هنڌ لکيو هو:”ڪافي ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي سوچي رهيا آهن۔حالانڪ اهي محض پنهنجن تعصبن کي نئين انداز ۾ سنواري رهيا هوندا آهن“۔اهو جملو حقيقت ۾ انساني ذهن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري کي ننگو ڪري ٿوسان اڪثر سوچڻ جي دعوي ته ڪريون ٿا۔ليڪن حقيقت ۾ پنهنجي ئي پراڻ راء کي نون۔دليلن جو پوشاڪ پارائي پيش ڪريون ٿا۔جنهن سان نه سچ بدلجي ٿو ۽ نه اسان۔اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا۔جتي دليل کان وڌيڪ تعلق۔فڪر کان وڌيڪ لاڳاپو ۽ حقيقت کان وڌيڪ تاثر جي اهميت وڌي چڪي آهي۔ماڻهو بحث کٽڻ جي لاء سوچين ٿا۔پر سمجهڻ جي لاءنه۔۔۔۔پنهنجن نظرين جا قيدي بڻجي ڪري اسان هر نئين ڳالھ کي ساڳئي تارازي ۾ توريون ٿا۔جنهن ۾ اسان جا تعصب اڳ کان رکيل هوندا آهن۔نتيجو اهو ته اسان فهم ڏانهن هڪ وک به نٿا وڌائي سگهون۔اصل سوچ ان وقت جنم وٺي ٿي۔جڏهن انسان پنهنجن ئي خيالن تي شڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو۔جڏهن هو مڃي وٺي ته شايد منهنجي راء مڪمل ناهي۔شايد منهنجو خيال محدود آهي۔شايد سامهون وارو به ٺيڪ ٿي سگهي ٿو۔مگر اهو رويو اسان جي گڏيل رويي ۾ گم آهي۔هتي هر شخص پنهنجو۔نقط نظر ”آخري حق“ سمجهي ٿو ۽ مخالف جي ڳالھ” غلطي “ نه بلڪ”ڏوھ“ سمجهي ٿو۔اهڙي ذهني فضا ۾ ناهي ٿيندو صرف فيصلا ٿيندا آهن۔وڌيڪ ڏک جي ڳالھ اها آهي ته اسان پنهنجن تعصبن کي ”سوچ“ سمجهون ٿا۔اسان دليل نٿا ڳوليون۔صرف پنهنجي پسنديده ڳالھ جا ثبوت ڳوليون ٿا۔اسان تجزيو نٿا ڪريون۔صرف ردعمل ڏيون ٿا۔اسان سوال نٿا اٿاريو۔صرف دفاع ڪريون ٿا۔اهوئي سبب آهي ته معاشري ۾ چڙواڳي وڌي ٿي۔سچائي ڌنڌلي ٿيڻ لڳي ٿي ۽ اسان سڀ هڪ ٻيئي جو آواز ٻڌڻ جي بجاء پنهنجو آواز وڏي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃون ٿا۔سچو فڪر تڏهن جنم وٺي ٿو۔جڏهن انسان اندر جهاتي پائي۔جڏهن هو پنهنجي ذهن جون ڀتيون ڪرائڻ جو حوصلو رکي۔جڏهن هو اهو مڃي وٺي ته تعصب کي فڪر سمجهڻ پاڻ دوکو ڏيڻ آهي ۽ پاڻ کي دوکي ڏيڻ کان وڏو دشمن ڪو ٻيو ناهي۔جيڪڏهن اسان واقعي سوچڻ چاهون ٿا ته اسان کي اهو به سکڻو پوندو ته حقيقت اسان جي تعصبن۔اسان جي جماعتن۔اسان جي گروهن ۽ اسان جي پسنديده بيانن کان وڏي آهي۔سوچ اها آهي۔جيڪا اسان کي بدلائي چڏي۔تعصب اهو آهي جنهن کي اسان بدلائڻ کان انڪار ڪري چڏيون۔وليم جيمز جو جملو اڄ به اسان جي معاشري جي چهري تي رکيل هڪ آئينو آهي۔سوال اهو ناهي ته اسان سوچون ٿا يا نه پر سوال اهو آهي ته ڪٿي اسان به پنهنجي ئي راء کي ٻيهر ترتيب ته ناهيون ڏئي رهيا؟










