سوڀوديرو ۾ عورت سان مبينه اجتماعي لڄا لُٽ

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) سوڀوديرو ٿاڻي جي حد ۾ شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري 5 جوابدارن ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي اين سي داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا , عورت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتا داخل متاثر عورت سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته علائقي جا بااثر وقار سامٽيو مون سان زبردستي ڏاڍائي ۽ سخت تشدد ڪري کين چيو ته مون سان شادي ڪر نه تو کي ۽ تنهنجي ٻارن کي ماري ڇڏيندس جنهن کان پوء وجهه وٺي مان پنهنجي مائٽن وٽ پهتي آهيان مون سان انصاف ڪيو وڃي متاثر عورت جي وارثن ٻڌايو ته جوابدار علائقي جا بااثر آهن ۽ وڏيرن جي کين کي مدد آهي اسان جي عورت سان وڏوظلم ٿيو آهي ٿاڻي تي اين سي داخل آهي پر پوليس کين کي گرفتار ڪرڻ کان مڪمل طور تي لنوائي رهي آهي  هنن ايس ايس پي خيرپور سان انصاف جي اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو