سوهائي ابڙو پاران نوجوانن کي ڊانس جي تربيت

سوهائي ابڙو پاران نوجوانن کي ڊانس جي تربيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران اسٽوڊيو نمبر 2 ۾ ڪلاسيڪل ۽ موجوده دور جي رقص جي شوقينن لاءِ ”ڊانس ورڪشاپ“ منعقد ڪئي وئي. ڊانس ورڪشاپ جي ٽرينر مشهور ڪلاسيڪل ڊانسر ”سوهائي ابڙو“ هئي. سوهائي ابڙو ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪلاسيڪل ۽ همعصر ڊانس سان لاڳاپيل بنيادي رايا ۽ ٽيڪنڪ سيکاري. ورڪشاپ ۾ نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊانس اڪيڊمي آف آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي استاد ماني چائو ۽ عبدالغني پڻ موجود هئا. ياد رهي ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڊانس ڪلاسن ۾ نيون داخلا شروع ٿي رهيون آهن. ڊانس ۽ ٿيٽر ڪلاسن جي داخلا جي تاريخ ۾ 17 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو