سون جي قيمت ۾ رڪارڊ اضافو، في تولو 93650 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دنيا ۾ ڪورونا وائرس مختلف ملڪن ۾ ڦهلجڻ سبب هڪ پاسي استاڪ مارڪيٽس ۾ ٻاڙائي آهي ته ٻئي پاسي سون جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ في تولي جي رقم  93 هزار 650 روپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت 80 هزار 290 روپيا تي پهچي وئي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 23 ڊالر اضافي بعد 635 ڊالر ٿي وئي آهي. ان کان اڳ ايراني جنرل قاسم سليماني جي آمريڪا هٿان قتل بعد ٻنهي ملڪن ۾ جنگ جي خدشي سبب سون جي قيمت في تولو 93 هزار 400 ٿي وئي هئي. ياد رهي ته گذريل هڪ سال کان سون جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ جنوري 201 کان هن مهل تائين 25 هزار 850 روپيا وڌي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو