ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ به سون ۽ چاندي جون قيمتون گهٽ ٿي ويون.سون ۽ چاندي جون عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿيڻ جو اثر مقامي مارڪيٽن تي به پئجي رهيو آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 4 ڊالر جي گهٽتائي سان 4 هزار 713 ڊالر جي سطح تي اچڻ سان مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ به اڄ ڇنڇر جي ڏينهن في تولي سون جي قيمت 400 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 93 هزار 662 روپين جي سطح تي اچي وئي.اهڙي طرح ملڪ ۾ في 10 گرام سون جي قيمت به 343 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 23 هزار 235 روپين جي سطح تي اچي وئي آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس چاندي جي قيمت 12 سينٽس جي گهٽتائي سان 80 ڊالر 29 سينٽس جي سطح تي اچڻ سان مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ به قيمتن ۾ لاٿ اچي وئي آهي.مقامي سون جي مارڪيٽن ۾ في تولو چاندي جي قيمت 12 روپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 513 روپيه ۽ في 10 گرام چاندي جي قيمت 10 روپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 298 روپين جي سطح تي اچي وئي.










