اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آمريڪا جي معدنيات ڪڍندڙ ٻن مشهور ڪمپنين فوجي فائونڊيشن ۽ اين ايل سان ياداشت نامن تي صحيحون ڪيون آهن. يو ايس ايس ايم نالي ڪمپني ابتدائي طور 50 ڪروڙ ڊالي جي سيڙپڪاري ڪندي. معاهدي تي صحيحن جي تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پيٽروليم جو وزير به موجود هئا. آمريڪي ڪمپنين جو هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دوري تي آهي. ريئر ارٿ منرلز جيڪي دفاعي، ٽيڪنالاجي ۾ اتعمال ٿين ٿا، اهي پاڪستان مان آمريڪا ايڪسپورٽ ٿيندا. ريئر ارٿ منرلز جي 80 سيڪڙو سپلاءِ چين وٽ آهي ۽ چين آمريڪا کي فراهمي بند ڪئي آهي. ملڪ اندر موجود سون، ٽامي ۽ ٻين ناياب معدنيات ڪڍڻ بابت وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي موجودگيءَ ۾ حڪومت ۽ آمريڪي فرمز وچ ۾ ٻن ايم او يو تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. معدنيات، کوٽائي ۽ انفراسٽرڪچر سيڪٽر جون عالمي ڪمپنيون ”يونائيٽڊ اسٽيٽس، اسٽرٽيجڪ ميٽلز ۽ موٽا اينگل“ جي نمائندن تي ٻڌل وفد 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ موجود رهيو.ان دوران وفد پاڪستان ۾ معدني وسيلن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي، انهن جي قدر وڌائڻ ۽ کوٽائيءَ وارن آپريشنز جو جائزو ورتو. وفد وزيراعظم شهباز، چيف آف آرمي اسٽاف، فيلڊ مارشل عاصم منير، پيٽروليم واري ۽ واپار واري وفاقي وزير سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين پاڪستان جي وسيع معدني وسيلن، جن ۾ ٽامي، سون ۽ ناياب زميني عنصر شامل آهن، بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هي دورو پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي سهڪار سان ٿيو، جنهن سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ اجاگر ٿيا. دورو ڪندڙ ڪمپنين ملڪ اندر ”ويليو ايڊيشن“ جون سهولتون قائم ڪرڻ، معدنيات جي پروسيسنگ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ کوٽائي سان لاڳاپيل وڏن بنيادي ڍانچن جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. دوري دوران ٻنهي حڪومتن وچ ۾ ناياب زميني عنصر (REEs) ۽ لاجسٽڪ خدمتن سميت اهم معدنيات جي ترقي ۽ پروسيسنگ تي ڌيان ڏيڻ بابت ٻن مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.










