سول اسپتال جي ايمرجنسي تي حملو، هڪ ملازم زخمي،3 گرفتار

سول اسپتال جي ايمرجنسي تي حملو، هڪ ملازم زخمي،3 گرفتار

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) سول اسپتال نوشهروفيروز جي ايمرجنسي وارڊ تي ڏنڊا بردار ماڻهن جو حملو، ملازم حفيظ الله لاکيجو سخت زخمي ٿي پيو, جنهن کي پي ايم سي نواب شاهه ريفر ڪيو ويو آهي. نوشهروفيروز پوليس اطلاع ملڻ تي سول اسپتال نوشهروفيروز جي ٽن ملازمن کي مبينا حملي ۾ ملوث ھجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي جن ۾ حزب الله راڄپر، سعود ٻوهيو ۽ رفيق سولنگي شامل آهن. ٻڌايو پيو وڃي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ ٻن پيراميڊيڪلز تنظيمن ۾ ڪجهه وقت کان اسپتال جي انتظاميه تي ڌاڪو ڄمائڻ تان تڪرار هلندڙ آهي واقعو انهي هلندڙ تڪرار سبب پيش آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو