اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شمسي توانائي جي وڌندڙ رجحان پاڪستان کي وچ اوڀر جي جنگ جي اثرات کان بچايو آهي. پرڏيهي رسالي بلومبرگ موجب، پاڪستان، جيڪو توانائي جي درآمد تي دارومدار رکندڙ ملڪ آهي، توانائي جي جھٽڪن جو عادي آهي، پر ٽيڪنيڪل ماهرن موجب، هن سال پاڪستان مهانگو تيل ۽ گئس خريد ڪرڻ بدران شمسي توانائي جي ڪري 6.3 ارب ڊالر بچائيندو.جنگ کان پوءِ، پاڪستاني حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. بلومبرگ جي مطابق، جيڪڏهن شمسي توانائي نه هجي ها ته پيٽرول ۽ ڊيزل تمام گهڻو مهانگو هجي ها.










