ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا انفليوئنسر آمريڪي رياست نيو جرسي جي رهائشي جيسيڪا طويل، جيڪا 10 سال اڳ ڪار حادثي ۾ ڪرنگهي جي هڏي متاثر ٿيڻ سبب معذور ٿي وئي هئي، اها روبوٽ جي مدد سان گهمڻ ڦرڻ جهڙي ٿي وئي آهي. دوستن سان پارٽي ۾ ويل جيسيڪا جهڳڙي بعد ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي هئي، 7 مهينا اسپتال ۾ رهڻ بعد به هوءَ ٺيڪ نه ٿي سگهي هئي ۽ 10 سالن کان وهيل چيئر تي هئي. هن پنهنجي اٿڻ ۽ گهمڻ جون تصويرون ۽ ويڊيو پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون، جنهن تي سندس مداحن خوشي جو اظهار ڪندي مبارڪون ڏنيون آهن. جيسيڪا جو چيلهه کان هيٺ وارو جسم جو حصو حرڪت نه ڪري سگهندو هو. ان جي باوجود هوءَ مستقل طور پنهنجي تڪليفن بابت معلومات شيئر ڪندي رهندي هئي. ٽڪ ٽاڪ تي هن جا 13 لک کان مٿي ۽ انسٽاگرام تي 9 لک کان مٿي فالوئرز آهن.










