اعجاز ممنائي
پاڪستان جي قيام کان چار سال اڳ 20 مارچ 1943ع تي حُر تحريڪ جي روح روان سنڌ جي عظيم ڪردار انگريز سامراج خلاف ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت“ جي نعري تحت قومي ويڙھه وڙھندي انگريزن جي سموري آفرن کي ٺڪرائي پاڻ کي عظيم انقلابي اڳواڻن جي فهرست ۾ اول نالو لکرائيندڙ سيد صبغت الله شاهه عرف سورهيه بادشاھه کي گوري حڪومت ڦاھي تي چاڙھي سندس لاش کي هميشه لاءِ غائب ڪري ڇڏيو.
سنڌ کي قابض برٽش انگريز بار بار سورهيه بادشاهه کي چوندا رهيا ته توهانکي خيرپور ۽ سانگهڙ رياست جا والي ٿا بڻايون ،بندوق جو تحفو ۽ سر سميت جيڪو چاهيو سو خطاب/لقب ٿا ڏيون۔ بس حرن کي جنگ بنديء جو حڪم ڏيو۔ پر مرد مجاهد کين هر بار هڪ ئي جواب ڏنو ته منهنجي جسم ۾ حسيني خون آھي مان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندس اسان لاء پير پاڳارو جو لقب ئي ڪافي آھي۔ مان رڳو خيرپو ۽ سانگهڙ نه پر سڄي هندستان جي آزادي چاهيان ٿو۔ برٽش جنرل کيس ڌمڪائيندي چيو ته توهان کي خبر آھي ته بغاوت جي سزا ڦاسي آھي؟ تنهن تي هن عظيم ۽ ارڏي سورهيه بادشاهه برٽش جنرل سان اکيون اکين ۾ ملائي جواب ڏنو ته شهادت اسان جي ميراث ۽ اسانجي مٿي جو تاج آھي انهيء اڳتي وڌي پائڻ اسانجي روايت آھي۔پوري دنيا ڏٺو ته پير پاڳارو ۽ سندس مريد حُر پنھنجي ڌرتيء جي آزادي لاءِ وڏي بھادري ۽ ھوشياري سان جنگ لڙي رھيا ھُئا. ڏسندي ڏسندي انگريز سرڪار حرن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪيو ۽ مٿن بغاوتن، قتلن ۽ ڌاڙن جي ڪيسن ۾ ڦاسائيندا کين موت جون سزائون ڏيندا رهيا پر حر هڪ وک به پوئتي نه هٽيا ۽ سورهيه بادشاهه جي حڪم کي لبيڪ چوندي هر محاذ تي ويڙھ جو اعلان ڪيائون۔ عام طور چيو ويندو آھي ته سنڌ جي سرزمين پيرن، فقيرن ۽ درويشن جي ڌرتي آھي. جيڪي الله لوڪ ماڻھو، ميٺ، محبت، حق، انصاف ۽ عبادت الاھي جو درس ڏيندا ھُئا ۽ ھاڻي به ڏيڻ سان گڏ روحاني رمز، ذڪر ۽ فڪر واري واٽ تي پنھنجي پوئلڳن کي ھلڻ جي تلقين ۽ ھدايت ڪرڻ کانسواءِ پنھنجي وطن ۽ قوم کي قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ ۽ جبر خلاف اٿي کڙا ٿي سينا تاڻي حق ۽ سچ جي ميدان تي ڪُڏي ڪاھي پيا آھن نه رڳو ايترو پر پرڏيھي سامراجن ۽ انھن جي ڏيھي دلالن جي ظلم، ستم ۽ ڏاڍ ڏمر خلاف مھاڏو اٽڪائڻ جا گر ۽ بھادرانه ڪارناما ڪو انهن انقلابي اڳواڻن کان سکي جيڪي ڌرتيء مٿان پنهنجو سر قربان ڪندي هميشه لاءِ امر ٿي تاريخ جو حصو بنجي ويا. سورهيه بادشاهه انگريزن کان بغاوت وارو ڪردار اڄ به تاريخ جو سنهري باب ليکيو وڃي ٿو۔ ان وقت انگريز سرڪار جي ھڪ آفيسر ليوڪس حڪمت عملي تحت سانگھڙ ۽ مُکي ڍنڍ جي آسپاس حُرن جي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ڪجھه بلوچ قبيلن کي بلوچستان مان گُھرائي اچي آباد ڪرايو. انھن قبيلن ۾ نواب اڪبر بگٽي جا وڏا خاص طور تي شامل ھُئا. جن کي نه صرف حُرن جون زمينون ۽ مال ملڪيت ڏنا ويا پر کين اُھا زميواري پڻ ڏني وئي ته ھُو حُر تحريڪ ۽ حُرن جون جاسوسيون ڪري ۽ انھن کي پڪڙي انگريز سرڪار جي حوالي ڪن ته کين في حُر تي ڏهه روپيا انعام ڏنو ويندو. چون ٿا ته اھڙي انڌي لالچ ۾ اچي بگٽين گھٽ ۾ گھٽ 88 حُرن کي ڦاھيون ڏياري پنھنجي آقائن کان 880 روپيا انعام حاصل ڪيو۔ تاريخ جڏهن پلٽو کاڌو ته بگٽي خاندان ۽ سرداري به ساڳي ريت انگريزن جي ڇاڙتن جي زير عتاب رهي۔انگريز سرڪار سنڌ جي وارث حر بهادرن کي باغيء جو لقب ڏئي کين ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 1928ع ۾ انگريز فوجين پير جي ڳوٺ تي ڇاپو ھنيو ان ڇاپي دوران ھٿيار ھٿ ڪيا ويا ۽ ھڪ نوجوان کي ھٿ ڪيو ويو جنھن لاءِ چيو پئي ويو ته ھُن کي پير صاحب ھڪ پيتي اندر قيد ڪري رکيو ويو ھُئو. ان الزام ۾ پير صاحب تي سکر ۾ ڪيس ھلايو ويو. ڪيس جي پيروي لاءِ ھُن محمد علي جناح کي پنھنجو وڪيل مقرر ڪيو. بھرحال ان (پيتي ڪيس) ۾ اڳواٽ طئہ ٿيل فارمولي موجب اسپيشل ڪورٽ جي مئجسٽريٽ اڌارام پير پاڳارو (سورهيه بادشاهه) کي 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي. پير صاحب کي ان دوران ھندستان ۽ بنگال جي ڪيترن ئي جيلن ۾ رکيو ويو.جتي ھُن جا بنگالي قومپرستن سان تمام بھتر لاڳاپا رھيا ۽ انھن بنگالي سياسي قيدين کان ھُو تمام گھڻو متاثر ٿيو.ائين ٿوري وقت بعد کيس وري ٻيھر گرفتار ڪري ھندستان جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. ھُن جي گرفتاري کانپوءِ حُرن وڌيڪ بغاوتون شروع ڪري ڏنيون ۽ ھُنن جي نشاني تي سرڪاري ملڪيتون ۽ اھم دفتر ھُئا. انڪري انگريزن کي اُھو انديشو ٿيو ته ڪٿي سندن (گوري سرڪار) جي وفادار ماڻھن ۽ سرڪاري اعلي عملدارن تي حُر مجاھد حملا ڪري جاني نقصان نه پھچائين. ان ڳڻتي ۽ خوف ڪري انگريز سرڪار پير صاحب تي تڪڙو ڪيس ھلائي ان کي ڦاھي تي چاڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. آخرڪار سورهيه بادشاھ تي انگريز خلاف بغاوت ۽ ماڻھو مارائڻ جا ڪيترائي الزام مڙھي موت جي سزا ٻڌائي ۽ 20 مارچ 1943ع تي عمل ڪرائي ڇڏيو. اھڙي ريت پير پاڳارو ۽ سندس ھزارين حُر مجاھد پنھنجي ننگن ۽ دنگن تان سر گُھور ڪري هميشه لاءِ امر بنجي ويا. اسان کي جتي سورهيه بادشاھه ۽ سندس حُر تحريڪ جي جوڌن جوانن جي عظيم ۽ تاريخي قرباني تي فخر آھي اتهاس جو هيءُ آواز مُني صدي جي طويل سفر کان پوءِ به اڄ وڏي پڙاڏي ۾ ائين گونجي ٿو ته “هي سر ڪٽجي سگهي ٿو پر جهڪي نه ٿو سگهي”. پر افسوس اُن ڳالهه جو آھي ته اڄ به سنڌ جا سردار، ڀوتار، پير، مير پنھنجي وطن ۽ قوم جا ويري بنجي انگريز سامراج جي دلالي ڪندي پاڻ کي اتمُ اعليٰ محسوس ڪرائي رهيا آھن پر ڪوبه انهن خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند نه ٿو ڪري۔ موجوده پير پاڳارو پنهنجي چونڊ تي شڪست کائڻ کانپوء پنهنجي حرن کي بغاوت جو سڏ ڏئي پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڏيکاري غائب ٿي وڃي ٿو۔ ملڪ دشمن جا چھرا نروار ڪرڻ کانپوء به سندن خلاف آواز بلند نه ٿو ڪري کيس سنڌ ڌرتيء ۽ ماڻھن سان ڪيترو پيار آھي جو انهن جي سورن جو ساٿاري نه ٿو ٿئي۔ جيڪي سندس هڪ سڏ تي پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي ٻارن ٻچن سميت ڌرڻي ۾ اچن ٿا پر موٽ ۾ کين رسوائيء کان سواء ڪجهه نه ٿو ملي۔ اڄ به سنڌ تي آء ايم ايف ۽ برٽش سرڪار جا حامي مسلط آھن جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قبضا پيا ڪن، بدامنيء جي فضا قائم ڪري عام ماڻھوء جو جيئڻ جنجال ڪيو پيو وڃي۔ بحريه پراجيڪيٽ تحت زمينون ڳڙڪايون پيون وڃن۔ قومي خزاني جي ڦرمار ڪئي پئي وڃي۔ ڪوڙي آڪڙ، معتبرائپ ۽ انيٰ خاطر سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر پوء به پير پاڳاري جي گادي خاموش آھي۔آخر ھُو پنھنجي وڏڙن جي وطن پرستي، عوام دوستي ۽ حب الوطني واري سچي ۽ حق جي راھه تي گامزن ٿي موجوده غاصبن، ظالمن ۽ لُٽيرن کان سنڌ ۽ سنڌين جي نجات لاءِ پنھنجو مثبت ڪردار ڪڏهن ادا ڪندا؟ ملڪ ۽ قوم جي بقا انهن بهادرن ۽ عظيم سورهين سان وابسته آھي.سورهيه بادشاھ ھڪ جدوجھد جو نالو ھو. جنھن انقلاب جو نالو ڏنو، انڪري اسان تي فرض ٿئي ٿو ته ان جي سيرت اپنائي ڌرتيء مٿان ٿيندڙ ظلم ، بربريت ۽ ناحق خلاف جنگ جوٽي، سنڌ جي ماڻھن کي ڏاڍن جي ڏاڍ ۽ جابرن جي جبر مان نجات ڏياريون۔










